گجرات (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي عدليا آئين تي پهرو ڏئي رهي آهي، نااهل حڪمران ٽولو ۽ اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ اليڪشن دير ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندي، گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان جي رستي ۾ جيڪي واري جون ديواريون ٺاهيون پيون وڃن، اليڪشن ۾ عوام جي ٻوڏ انهن کي لوڙهي ڇڏيندي، عمران خان اعتماد ڪري منهنجو ۽ ساٿين جي دل کٽي ورتي، آئون سندس شڪر گذار آهيان، عمران خان قوم جو سچو خيرخواهه آهي، هن چيو ته عمران خان پاڻ مونکي پي آءِ ٽي جو صدر بڻائڻ جو اعلان ڪيو ، پي ٽي آءِ صدر طور پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ترجيح هوندي، قوم عمران خان کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، شهبازشريف جي ڪٺ پتلي حڪومت جو ڪوبه مستقبل ناهي.