فيصل آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ عمران خان جي لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي چڪي آهي. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جا سمورا حربا ناڪام ٿي چڪا آهن. اڃا به پري وارين جيلن ۾ ڪافي گنجائش آهي. پهريان اهي ڀرينداسين ان کانپوءِ ويجهين جيلن کي ڀريو ويندو. پري جون جيلون ڀرجڻ کانپوءِ لاهور ۽ راولپنڊي جون جيلون ڀرينداسين. رانا ثناءُالله چيو ته گذريل 8 مهينن کان عمران خان فتنو پيدا ڪيو آهي. عمران خان 4 سالن کان ملڪ جي لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ 100 ماڻهن مس گرفتاريون ڏنيون آهن، انهن مان به 80 ماڻهو ضمانت تي آزادي چاهين ٿا، جيل ڀريو تحريڪ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي بهتري ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوبه وقت خرچ نه ڪيو. هو روز فتني کان علاوه ملڪ کي تباهي طرف ڌڪڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. هي چاهي ٿو ته ملڪ سياسي عدم استحڪام جو شڪار رهي.