تحريڪ انصاف پاران عمران خان تي حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان

0
212

تحريڪ انصاف پاران عمران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پاران عمران خان تي حملي خلاف ملڪ گير مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آھي

ان سلسلي ۾ اسد عمر چيو آهي ته اڄ جمعي نماز کانپوءِ ملڪ جي سمورن شهرن ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو

عمران خان تي قاتلاڻي حملي خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آھي

 ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، قائد آباد، شيرپائو ڪالوني، ڪورنگي ۽ نرسري وارن علائقن ۾ ڪاروبار بند ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون يون، جزوي هڙتال ۽ مظاهرا جاري آھن

دادو ۽ ميهڙ ۾ عمران خان تي حملي خلاف جزوي هڙتال، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا

عمران خان تي حملي واري واقعي جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي

مرکزی ملزم نوید کو تفتیش کے لیے لاہور منتقل کردیا گیا جہاں ملزم کو چوہنگ میں قائم سی ٹی ڈی کے سیل میں پہنچادیا گیا ہے/ اسکرین گریب

عمران خان تي حملي واري واقعي جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي آھي، گرفتار ڪيل جوابدار نويد کي پڇاڳاڇا لاءِ  سي ٽي ڊي پوليس لاهور جي سيل منتقل ڪيو ويو

جوابدار جي پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آھي، گرفتار ڪيل جوابدار نويد گذريل ڏينهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو،جوابدار جي اعترافي بيان ۾ ڪيترائي تضاد سامهون اچي ويا

Press Trust of India: Imran Khan sustains bullet injury after gunfire  attack during protest march, 1 killed

جوابدار هڪڙي ئي بيان ۾ چيو ته عمران خان کي مارڻ جو اوچتو خيال آيو، ساڳئي بيان ۾ چيو ته هو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هو، تنهن ڪري لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان وٺي کيس مارڻ جو سوچي رهيو هيس

وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر

Former Pakistan PM Imran Khan wounded in shooting at protest

وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر، گذريل ڏينهن ڪنٽينر تي ٿيل فائرنگ ۾ هڪ گولي عمران خان جي پـِنيءَ ۾ ۽ ٻي گولي سـَـٿر ۾ لڳي

 شوڪت خانم اسپتال لاهور جي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حالت مستحڪم آهي، ڊاڪٽر موجب عمران خان جي ساڄي ڄنگهه ۾ 2 گوليون لڳيون، سندس ڄنگهه ۾ هڪ کان وڌيڪ زخم آهن

 گوليءَ جا ذرا اڃا ڄنگهه ۾ موجود آهن، ڄنگهه جي هڏي محفوظ رهي، فائرنگ ۾ احمد ناصر چٺا، فيصل جاويد ۽ وڌيڪ 7 ڄڻا به زخمي ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

عمران خان تي حملو: جوابدار تياري ڪري آيو ھو: شروعاتي جاچ ۾ اھم تفصيل سامھون اچي ويا

ڪي پي جي وزير انور زيب خان پاران هٿيار کڻي راڻا ثناءُ الله کي ڌمڪيون، وڊيو وائرل