شهناز انصاري قتل ڪيس جا جوابدار بري ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
313

نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس جا جوابدار بري ٿيڻ خلاف وارثن پاران ڌرڻو ھنيو ويو

پ پ ايم پي اي شهناز انصاري قتل ڪيس جا جوابدار بري ٿيڻ خلاف وارثن پاران شھناز انصاري جي ڌيءَ فاطما انصاري جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو ھنيو  ويو

مقتولا شهناز انصاري جي ڌي ڊاڪٽر فاطمه انصاري جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا

ڊاڪٽر فاطمه انصاري دانھون ڪندي چيو تھ  جوابدارن خلاف سمورا  ثبوت موجود ھجڻ باوجود انصاف نه  مليو، پيپلزپارٽي قيادت ڪا بھ مدد نھ ڪئي

ڊاڪٽر فاطمه انصاري جو چوڻ ھو تھ اسان جي آڏو امڙ کي قتل  ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آھي، ھر فورم تي امڙ جي قتل خلاف آواز اٿاريندس، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ رڳو هڪ جوابدار کي جنم ٽيپ: مقتولا جي ڌيءُ پاران انصاف جون دانهون

شهناز انصاري قتل کان اڳ ڪنهن کي خط لکيو هو؟

پ پ قيادت ساٿ نه ڏنو، شهناز انصاري جي نياڻي مستعفي