لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر

0
327
لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي

وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر، گذريل ڏينهن ڪنٽينر تي ٿيل فائرنگ ۾ هڪ گولي عمران خان جي پـِنيءَ ۾ ۽ ٻي گولي سـَـٿر ۾ لڳي

 شوڪت خانم اسپتال لاهور جي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حالت مستحڪم آهي، ڊاڪٽر موجب عمران خان جي ساڄي ڄنگهه ۾ 2 گوليون لڳيون، سندس ڄنگهه ۾ هڪ کان وڌيڪ زخم آهن

 گوليءَ جا ذرا اڃا ڄنگهه ۾ موجود آهن، ڄنگهه جي هڏي محفوظ رهي، فائرنگ ۾ احمد ناصر چٺا، فيصل جاويد ۽ وڌيڪ 7 ڄڻا به زخمي ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

ڪي پي جي وزير انور زيب خان پاران هٿيار کڻي راڻا ثناءُ الله کي ڌمڪيون، وڊيو وائرل

تحريڪ انصاف پاران عمران خان تي حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان