عمران خان تي حملو: جوابدار تياري ڪري آيو ھو: شروعاتي جاچ ۾ اھم تفصيل سامھون اچي ويا

0
214

وزيرآباد (ڊيسڪ رپورٽ) چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ حملي جي جاچ جاري آھي جنھن ۾ پوليس ۽ فارنزڪ ٽيمون واقعي واري ھنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رھيون آھن

پوليس موجب گرفتار جوابدار نويد ۽ ان جي گھروارن کان بھ جاچ جاري آھي، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ کان ملندڙ گولين جا خول ۽ وڊيوز جو بھ جائزو ورتو پيو وڃي

کنٹینر

شروعاتي جاچ موجب جوابدار حملي جي لاءِ نائن ايم ايم پستول استعمال ڪيو، جوابدار وٽان پستول، 2 ميگزين ۽ 20 گوليون برآمد ٿيون آھن، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ وٽان گولين جا 11 خول مليا آھن جن مان 9 خول نائن ايم ايم پستول ۽ 2 ٻئي ھٿيار جا آھن

پوليس ۽ سڪيورٽي ادارن موجب واقعي واري هنڌان 9 پسٽل ۽ وڏي هٿيار جَي 2 گولين جا خول مليا آهن، پسٽل جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺين طرف کان مٿي ۽ وڏي هٿيار جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺان کان فائر ڪيون ويون

 نوجوان معظم جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران گولين جو کاڄ بڻيو، واقعي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا

شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ فوجي آفيسر عمران خان تي حملي جا ذميوار قرار

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ فوجي آفيسر کي عمران خان تي حملي جو ذميوار قرار ڏنو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اسان کي گهرائي چيو ته سندس پاران بيان جاري ڪيو وڃي

اسد عمر موجب عمران خان چيو ته کيس پڪ آهي ته ڄاڻايل ٽن ماڻهن اهو سڀ ڪجهه ڪرايو آهي، عمران خان ٻڌايو ته کيس پهرين به ڪجهه ڄاڻ ملي رهي هئي، جنهن جي بُنياد تي هو اهو سڀ ڪجهه چئي رهيو آهي

اسد عمر موجب عمران خان ٻڌايو ته انهن ٽنهي ماڻهن مٿس قاتلاڻو حملو ڪرايو آهي

اسد عمر موجب عمران خان چتاءُ ڏنو آهي ته ٽنهي ماڻهن کي عهدن تان نه هٽايو ويو ته ملڪگير احتجاج ڪيو ويندو

عمران خان جو بيان ورتو ويو آهي، وزيراعظم گهرو وزير ۽ ميجر خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو

عمران خان قاتلاڻي حملي ۾ زخمي: هڪ اڳواڻ مارجي ويو: 9 ڄڻا زخمي

کنٹینر

گوجرانوالا ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ڀرسان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين زخمي ٿي پيو آهي

پوليس موجب گوجرانوالا ۾ الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي استقباليه ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته موقعي تي موجود سڪيورٽي اهلڪارن حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو

الله والا چوڪ تي فائرنگ کان پوءِ سڪيورٽي اهلڪار فوري طور عمران خان وٽ پهچي ويا ۽ کيس محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

صحافي ڪامران شاهد فائرنگ جي فوٽيج شيئر ڪئي