بڪيراشريف (ن پ ا)  رات دير سان بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڄاموٽ فارم وٽان ڳوٺ غلام علي لاشاري جي راهوسي منو ڀيل جي مينهن چوري ٿي وئي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. جڏهن ته هڪ هفتي اندر  بڪيرا ٿاڻي جي حد مان 4 موٽر سائيڪلن  سميت رات دير سان هڪ مينهن پڻ چوري ٿي وئي جڏهن ته حد جي پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جڏهن ته ڳوٺاڻا مينهن جا پيرا کڻي بڪيراشريف ويجهو سرفراز موري وٽ پيرا وڃائي واپس روانو ٿي ويا.