هالا (ن پ ا) هالا ۾ سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي، شعلا بيان مقرر، سنڌ جي ابوالڪلام آزاد چاچي حفيظ قريشي جي 25 هين ورسي جيئي سنڌ تحريڪ طرفان نهايت عقيدت  ۽احترام سان ملهائي وئي ڪارڪنن جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي چاچي حفيظ قريشي جي پٽ قاضي سليم قريشي شهيد عرفان مهدي جي ڀا۽ نديم مهدي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ باغي راڄپر جساف اڳواڻ وفا ڪاشف ڀٽو ،مومن ويسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چاچي جي ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀري جيئي سنڌ جو جهنڊو چاچي جي مزار تي چاڙهيو ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ ورکا ڪري قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي.