جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ شهرين رحمت علي شاهه، ناصر شاهه، ممتاز شاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جو پوليس اهلڪار محمد علي منجهو فيصل شاهه جي گهر ۾ گهڙي نشي ۾ ڌت ٿي گارگند ڪئي، اين سي داخل  ڪرائي ان باوجود به ڪاروائي ناهي ڪئي وئي.