بڊاڻي (ن پ ا ) بڊاڻي ۾ ٻه ڏينھن اڳ مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سخي ميھر سميجو ۾قتل ٿيل پيرسن خير محمد  ۽ پٽ برڪت کي زخمي ڪرڻ جو سندس پٽ بلوچ سميجو جي فرياد تي سميجا برادري جي غلام ياسين، معشوق، نروڪ، گھنور، غلام رسول، علي حسن، ساجن، گلزار سميجو ۽ ٻه اڻسڃاتل سميت 10 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي. فريادي بلوچ سميجو ڪيس ۾ ڄاڻايو ته گھنور سميجو وارن اسان کي ذوالفقار سميجو جو ھارپو ڪرڻ کان روڪيو ھو، جنھنجي منھنجي پيءٌ خير محمد کي قتل ۽ ڀاءُ برڪت کي زخمي ڪيو.ھوڏانھن گلزار سميجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي پيرسن خير محمد وارن سان ڪابه دشمني ناھي، اسان جي مٿان وڏيرن مخالفن ڄام جمع سميجو وارن جي چوڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، سڄي علائقي کي خبر آھي ته مان استاد آھيان، اسان شريف ماڻھو آھيون.