ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ  بلوچ آباد اٺهتر موري وٽ سم نالي مان لاش هٿ آيو هو، ان ڏس ۾ اڻڄاتل  اڌڙوٽ شخص جي لاش جي سڃاڻپ سانگهڙ ضلعي نئون آباد ٻيراڻي جي رهواسي خميسو ڀيل طور ڪئي وئي آهي، سندس پٽ گورڌن ڀيل ايڌي سينٽر ميرپورخاص پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي، ان حوالي سان گورڌن ڀيل چيو ته 4 ڏينهن اڳ بابا ڳوٺ کان ٻيراني شهر لاءِ  نڪتو هو، جنهن بعد گم ٿي ويو، ڳولا باوجود سندس پتو نه پيو، اڄ اطلاع تي پهچي سندس لاش جي سڃاڻپ ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به  ذاتي دشمني نه آهي، ٻي طرف گورڌن ڀيل جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي ۾ 2 نامعلوم ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڪيس داخل ڪري اسان مختلف رخن کان جاچ ڪريون پيا.