لاهور( پنهنجي اخبار نيوز)  ڪراچي جي اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي دعا زهره ۽ ظهير جو  پهريون انٽرويو ڪندڙ يوٽيوبر   زنيرا ماهم پ پ  سان لاڳاپيل صوبائي وزير شهلا رضا تي  دعا مٿان تشدد ڪرائڻ جا الزام مڙهيا آهن، ڪالهه  ظهير جي گهرڀاتين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي زنيرا چيو ته  دعا پهرين ملاقات ۾ مون کي مدد جي اپيل ڪئي، سندس صحيح وارو اهڙو بيان موجود آهي.  هن چيو ته صوبائي وزير  شهلا رضا ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ 3 ڪلاڪن تائين ويهي تمام خطرناڪ ڳالهيون ڪندي هئي، زنيرا الزام هنيو ته شهلا رضا دعا کي چوندي هئي ته  ڪيس تي خرچ تنهنجو والد نه پر آئون پئي ڪريان، زنيرا  سوال اٿاريو ته شهلا رضا  دعا ڪيس تي ڪهڙي حيثيت ۾ پئسا خرچ ڪري رهي هئي؟ شهلا رضا اهو به چيو ته آئون اڃا جيئري آهيان، دعا کي پنهنجي والدين ڏانهن موڪلينديس.