ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو جي شهرين کي گذريل پنجن ڏينهن کان واٽر سپلائي تلاءُ مان پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب گهرن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، جنهن سبب ٿانو ڌوئڻ سميت عام استعمال جي پاڻي لاءِ شهر واسي سخت پريشاني جو شڪار آهن ۽ مسجدن ۾ پڻ پاڻي جي کوٽ سبب نمازي وضو لاءِ پريشان آهن، شهرين امجد خيرپوري، نياز خواجه، محمد قاسم ۽ ٻين چيو ته واٽر سپلائي تلاءُ ۾ پاڻي موجود هئڻ باوجود پمپ خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي پنجن ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي ٻند ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته عملدار روزانو پمپ جي مرمت جا ٺلها آسرا ڏين پيا ليڪن اڃا تائين واٽر سپلائي جا خراب ٿيل پمپ مرمت نه ٿي سگهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ميرپوربٺورو جي شهرين کي پاڻي جي فراهمي جلد کان جلد شروع ڪئي وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدار گل ميمڻ ٻڌايو ته پاڻي سپلائي جا موٽر خراب ٿيڻ سبب شهرين کي پاڻي جي فراهمي بند آهي هن چيو ته موٽر پمپ جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ تي شهرين کي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي. هوڏانهن اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران واٽر سپلائي جو نظام واپس ٽائون ڪميٽي حوالي ڪرڻ وارو عمل آخري مرحلي ۾ آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي واٽر سپلائي جو نظام ٽائون ڪميٽي جي عملدارن جي ذميواري ٿي ويندي، جنهن سبب واٽر پمپ جي مرمت وارو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.