ھالا (ن پ ا) هالا ۾ گئس جي هٿرادو کوٽ ۽ پريشر گهٽ هجڻ خلاف شهرين سوئي سدرن گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪامريڊ عبدالرشید ڏيٿو، ڪامريڊ رئيس انور علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ مظاهري دوران نعريبازي ڪئي وئي. بعد ۾ انجنيئر سوئي گيس آفيسر احتجاج ڪندڙ سهرين سان ملاقات ڪئي. شهرين کيس ٻڌايو ته باب النوح گيٽ، پيرمولابخش ڪالوني،طالب المولا ڪالوني، پيرپنيلڌو ڪالوني، سچي مراد شاهه درگاهه سميت شهر جي اڪثر علائقن ۾ گئس نالي ماتر  آهي، ۽ اڪثر علائقن ۾ گئس مڪمل طور آهي، جنهن تي عملدار چيو ته هنن طرفان ڪا به هٿرادو لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي ڪنهن علائقي ۾ گئس پريشر جي شڪايت آهي ته سندن عملو انجو ازالو ڪنداسين. هن پنهنجي عملي کي گئس گهٽ پريشر وارن علائقن ۾ فوري گئس ڏيڻ جون هدايتون ڪيون. گئس انجنيئر جي يقين ڌياني تي شهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪيو.