لعلورائنڪ (ن پ ا)  لعلورائنڪ ۾ جي يو آءِ پاران پوليس جي زيادتين خلاف ٻئي ڏينهن به ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي محمد صديق مڱڻيجو ، محمد عثمان مغيري، عبدالسليم ڇٽو،  عبدالحليم ڇُٽو ۽  ٻين دانهيندي چيو ته پوليس بنا جواز  اسان جي ڪارڪن عطاءُ  الله چانڊيو کي  ٽريڪٽر تان لاهي گرفتار ڪيو، مامري جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي. ٻي طرف  ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي پنهجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  جميعت علماءِ اسلام جي ضلعي اڳواڻن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ڳالهين بعد ڌرڻو پڻ ختم ڪرايو ويو آهي.  انڪوائري ڪرائي ويندي.