ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو جي نوجوان صحافي شھزاد قادر خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ميرپوربٺوري ويجهو ڳوٺ اسحاق خاصخيليءَ جي رهواسي نوجوان صحافي شھزاد قادر خاصخيلي پنهنجي گهر ۾ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، خودڪشيءَ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، رابطو ڪرڻ تي مقتول نوجوان جي پيءُ ۽ سينيئر صحافي قادر خاصخيلي ٻڌايو ته اوچتو فائر جو آواز ٿيو جنهن تي ڊوڙي ڏٺوسين ته شھزاد رت ۾ لت پت پيل هو، جنهن کي فوري طور تعلقي اسپتال ميرپور بٺورو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. هوڏانهن ميرپوربٺورو جي صحافين سينيئر صحافي قادر خاصخيلي سان پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي