ميرواهه گورچاڻي(ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي لڳ ڳوٺ ڪنگورو جي رھواسي 40 ورهين جي پورهيت ريوو ڪولھي پٽ سگهرام گهرو اڻبڻت سبب جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، کيس وارث بي هوشي واري حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ميرواھ گورچاڻي کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن پاران طبعي امداد ڏني وئي، حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري سول اسپتال ميرپورخاص ريفر ڪيو ويو.