حيدرآباد ۾ نينگر سان مبينا بد فعلي، 4 ڄڻا گرفتار

0
261

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد نمبر 12 ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اي سيڪشن پوليس ڊرائيور نيڪ محمد نيازي جي فرياد تي سندس 9ورهين جي پٽ سان بدفعلي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، پوليس موجب الزام هيٺ آيل جوابدار حسنين، عارف، فصيح ۽ عاشر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نينگر جو اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو آهي پر رپورٽ ناهي ملي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.