برازيليا (انٽرسٽنگ نيوز) برازيل ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو ڊرامو ڪري ماڻهن کان مدد جي نالي تي رقم وٺندڙ ڇوڪري پڪڙجي پئي. پرڏيهي ميڊيا موجب 27 سالن جي ڪيميلا ماريا باربوساڊوس سانتوس جنهن مٿو ڪُوڙايو ۽ انٽرنيٽ تي تصوير پوسٽ ڪندي ٻڌايو ته کيس ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ علاج لاءِ رقم جي ضرورت آهي. هن هڪ ويب سائيٽ تي به چندي جي نالي تي رقم گڏ ڪئي، پوءِ سندس ڪوڙ پڪڙجي پيو ۽ پوليس ان خلاف جاچ شروع ڪئي. برازيل جي شهر مورينهوس واسڻ ڪيميلا ماريا جاچ ۾ پوليس کي بيماريءَ جو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهي، پوليس موجب ڪيميلا حراست ۾ آهي ۽ ان خلاف جلد عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو.