ڍاڪا(انٽرسٽنگ نيوز) بنگلاديش جي بيمان ايئر لانز جي فلائٽ ۾ هڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ بنا شرٽ جي نوجوان سيٽ تي ويٺل همراهه کي ٺونشا هڻي رهيو آهي، سيٽ تي ويٺل شخص کيس چماٽون هڻي رهيو آهي، مسافرن وچ ۾ اچي کين ڇڏايو. جهاز جي منزل بابت في الحال ڪابه معلومات اڳيان نه آئي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بنا شرٽ جي هڪ نوجوان سيٽ تي ويٺل شخص کي ٺونشا هڻي رهيو آهي، سيٽ تي ويٺل شخص جنهن جو چهرو نظر نٿو اچي، جواب ۾ نوجوان کي چماٽون هڻي رهيو آهي پر نوجوان گهڻي ڪاوڙ ۽ جنون جي حالت ۾ هن تي تشدد ڪري رهيو آهي. ڪجهه سيڪنڊن ائين ٻنهي وچ ۾ جهيڙي کانپوءِ مسافرن وچ ۾ اچي نوجوان کي گلي ۽ ٻانهن کان پڪڙي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پوين سيٽن تي موجود ماڻهو به پنهنجي سيٽن تي بيهي سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وڊيو ٺاهڻ ۾ به مصروف آهن.