فلوريڊا (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ خاندان سمنڊ ڪناري تان ملندڙ بوتل ۾ بند خط کي 37 سالن کانپوءِ ان شخص تائين پهچائي ڇڏيو جنهن اهو سمنڊ ۾ اڇلايو هو. آمريڪي رياست فلوريڊا سان تعلق رکندڙ ڪارميڪس فيملي موجب سيبسچئن نالي شهر جي ڪناري تي گهمي رهيا هئاسين تڏهن منهنجي ملاقات ٻن استادن سان ٿي جيڪي نڪول طوفان کانپوءِ صفائي مهم ۾ مصروف هئا. انهن استادن ان خاندان جي حوالي بوتل ۾ بند پيغام ڪيو. ڪارميڪس فيملي اهو معاملو ٽڪ ٽاڪ تي رکيو ته جيئن خط لکندڙ “ٽرائي هيلر” کي ڳولي سگهجي. هن خط ۾ رياست ڪينٽڪي جي شهر لوئيز وِل جو پتو ۽ پنهنجو فون نمبر لکيو هو. خاندان ٽرائي جي رابطي بابت پراڻي معلومات کي استعمال ڪندي آن لائن ڳولا ڪئي ۽ آخرڪار هن کي خبر پئي ته ان نالي جو هڪ شخص هاڻي ڪينٽڪي رياست جي شهر مائونٽ واشنگٽن ۾ رهندو آهي. ٽرائي هيلر جو چوڻ هو ته پهريان ته هن فلوريڊا کان ايندڙ اڻڄاڻ ڪال کي نظرانداز ڪيو پر بعد ۾ ايندڙ پيغام هن جو ڌيان حاصل ڪيو.