بهرام (ن پ ا) بھرام ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري خريداري مرڪز نه کلي سگهيا آهن، ان حوالي سان آبادگارن نظر محمد مگسي، علي گل، محب علي، روشن علي، علي خان، نادرعلي بروهي، عبدالقيوم کوسو، سجادعلي عباسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪڻڪ خريداري سينٽر نه کلڻ سبب مجبورن سستي اگهه تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪري رهيا آهيون، جنهن سبب نقصان ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته واپاري ڪڻڪ جي غيرقانوني طور ڪٽوتي به ڪري رهيا آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ خريداري مرڪز کولي باردانو فراهم ڪيو وڃي.