پنجاب جي ڪاموري نيوٽن کي عورت ڄاڻائي ڇڏيو، پوتي پارائڻ جو مطالبو

0
562

لاهور (م ڊ) پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي عملدار نامور سائنسدان آئزڪ نيوٽن کي عورت قرار ڏيندي سندس فوٽو کي پوتي پارائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنجاب جي درسي ڪتابن ۾ هڪ سبق آئزڪ نيوٽن جو آهي جنهن ۾ سندس فوٽو به آهي، جڏهن اهو ڪتاب بڪ بورڊ جي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيو ويو ته هڪ ميمبر سبق ڏسندي ئي نيوٽن کي عورت سمجهيو ۽ سوال ڪيو ته هن کي پوتي ڇو پاتل ناهي؟ اها خبر سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي ۽ ماڻهن سخت حيرت جو اظهار ڪيو آهي.