سون 500 رپيا مهانگو : ڊالر ۾ 10 پئسا واڌ

0
451

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) سون 500 رپيا مهانگو، ڊالر ۾ 10 پئسا واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپين جي واڌاري سان 102800 مان 103300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1350 مان 1340 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا واڌ سان 153.4 مان 153.5 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 211.5 مان 211 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته يورو 50 پئسا واڌاري سان 183 مان 183.5 رپين تي پهتو .