بهتر معيشت،بهتر حڪومت جو بنياد آهي

0
296
بهتر معيشت،بهتر حڪومت جو بنياد آهي

 ملڪ  مان سياسي بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي نه ئي ڪنهن کي اندازو آهي ته انهي بحران جو انت ڪٿي ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته هر روز نئون معاملو سامهون اچي رهيو آهي ۽ سياسي ڌريون پنهنجا پنهنجا پتا استعمال ڪري رهيون آهن جيڪي بحران کي ختم ڪرڻ بدران رهندو  وڌائي رهيا آهن مخالف ڌر جي ڪوشش آهي ته ڪيئن به ڪري اهڙو بحران جاري رکجي جيئن حڪومت کي ڪا سولائي نه ٿئي ۽ اها ايترو ته سياسي معاملن ۾ ڦاٿل هجي جو  گورننس ڏانهن ڌيان ئي نه ڏئي سگهي. جڏهن ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪيئن به ڪري مخالف ڌر خاص ڪري عمران خان خلاف اهڙا اسڪينڊل سامهون آڻجن جو اهو دفاعي پوزيشن ۾ اچي حڪومت جي معاملن ۾ رنڊڪ بڻجڻ جهڙو نه رهي.بظاهر ٻئي ڌريون  پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي ۾ ڪامياب ٿيندي به نظر اچي رهيون آهن پر انهي سان جيڪو سياسي بحران يا عدم استحڪام وڌي رهيو آهي اهو ملڪي معيشت کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

اپريل ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ  ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب حڪومت مان هٽايل ڌر جي اها سياسي حڪمت عملي آهي جيڪا هنن نيون چونڊون ڪرڻ لاءِ اختيار ڪئي آهي. اڳ ۾ سڄي ملڪ ۾ سياسي جلسا ڪري حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها مجبور ٿي چونڊن جو اعلان ڪري، پوءِ قومي اسيمبلي ۾ نه ويهڻ ۽ اتان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو وري حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪيو ويو جڏهن انهن دٻاءُ باوجود حڪمرانن نين چونڊن ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته پوءِ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبلي ٽوڙي وئي ۽ ٻه ڏينهن اڳ وري ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر ڏانهن موڪلي وئي آهي،اها ته هئي مخالف ڌر جي حڪمت عملي، وري حڪمران ڌر  اوچتو مخالف ڌر جي اهم اڳواڻن سميت قومي اسيمبلي جي 35  ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪري ورتيون آهن جيڪي ڪيتري وقت کان وٺي اسپيڪر وٽ پيل هيون. انهن 35 اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي اوچتو منظوري بابت سياسي حلقا اهو چئي رهيا آهن ته جيئن ته عمران خان وري اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو اشارو ڏنو هو تنهن ڪري حڪومت انهن جي ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪري مخالف ڌر کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن اهي اسيمبلي اندر حڪومت لاءِ ڪو وڏو مسئلو پيدا نه ڪن ۽ ٻيو ته مخالف ڌر اهو به اعلان ڪيو هو ته وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو ويندو جنهن ڪري به حڪومت اهي استعيفائون منظور ڪيون آهن ته جيئن کين اسميبلي اندر اعتماد يا عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿيڻ سبب ڪو مسئلو نه ٿئي .ڇا به هجي ٻئي ڌريون ڪهڙي به حڪمت عملي اختيار ڪن پر انهي سان سياسي بحران حل ٿيڻ بدران وڌي رهيو آهي.هاڻي ته چونڊون ئي چونڊون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن اڳ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي جون چونڊون آئين تحت ٽن مهينن اندر ڪرائڻيون آهن ته وري هي 35 اسميبلي ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ کانپوءِ اتي به آئين ۾ ڏنل مدي تحت چونڊون ڪرائڻيون پونديون.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جنهن معاشي مسئلي ۾ ڦاٿل آهي انهي کي سياسي تدبر سان ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت آهي.حڪومت ۽ مخالف ڌر جيڪي حڪمت عمليون هڪٻئي کي شڪست ڏيڻ لاءِ اختيار ڪري رهيون آهن اهي انهي معاشي مسئلي کي اڃا به اينگهائينديون.انهي سياسي بحران کي حل ڪرڻ جو طريقو ڳالهيون ئي آهن جيڪڏهن مخالف ڌر سمجهي ٿي ته انهي کي نيون چونڊون گهرجن ته ان لاءِ به حڪومت تي اسيمبلين ۾ ويهي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو، جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته مخالف ڌر کي ٻاهر ڪڍي بحران حل ڪري سگهجي ٿو ته اها به ان جي غلط سوچ ۽ پاليسي آهي.تنهن ڪري انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو جيڪو ئي ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڌريون ڳالهين جي ميز تي نه آيون ته سياسي بحران وڌندو ويندو ۽ ملڪي معيشت کي اهڙي حالت تي پهچائيندو جو ڀلي کڻي ڪير به حڪومت ۾ هجي ان لاءِ حڪومت ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو ڇو ته بهتر معيشت ئي بهتر حڪمراني جو بنياد آهي.