مڪاني اليڪشن ۽ عوام جو احتجاجي رد عمل!

تازو 15 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿي گذريو، مڪاني چونڊن جي پھرئين مرحلي ۾ صورتحال ڪجهه الڳ ھئي ۽ ٻئي مرحلي ۾ صورتحال ڪافي تبديل نظر آئي. ھڪڙو ته ٻئي مرحلي وارين مڪاني چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ بدترين ٻوڏ آئي هئي جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ ماڻهن ڏکيائين کي منهن ڏنو پر سياستدانن کي عوام ان وقت به ياد نه آيو، ان ڪري تازي ٻئي مرحلي وارين مڪاني چونڊن ۾ عوام چونڊن ۾ نه وٺڻ جي برابر حصو ورتو ۽ مڪمل طور چونڊن ۾ حصو نه وٺي پنهنجو احتجاجي رد عمل ڏنو. مجموعي طور پولنگ واري ڏينهن ٽرن آئوٽ تمام گھٽ رھيو، جنهن جو وڏو سبب سياستدانن جا عوام کي ڏنل سور آهن، جتي عوام لاءِ اٽي چي لپ به اڻلڀ ھجي، اتي ڀلا آخر ماڻهو پاڻمرادو ڇو اچن ووٽ ڏيڻ لاءِ؟ پنهنجي ٻچن جي روزي ڇڏي ڇو اچي قطار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھي ڪري ووٽ ڏين؟ ھي اھي سوال آھن جيڪي پولنگ واري ڏينهن ھر عام ماڻهو جي واتان ٻڌڻ ۾ پئي آيا. سڄي سنڌ جيان تعلقي چمبڙ جي مختلف يوسين ۾ پڻ ٽرن آئوٽ تمام گھٽ رھيو، گڏوگڏ ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ عملو وڏيرن ۽ بااثرن ھٿان يرغمال رھيو ۽ حڪمران ڌر جي اميدوارن کي سرعام ٺپا ھڻي کٽرايو ويو، ايجنٽن کي ڌمڪايو ويو، ان باوجود صورتحال ڏاڍي دلچسپ رھي، ھارين نارين، عام ماڻهن جي اولاد وڏيرنم ڀوتارن، پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن کي سھڪائي سندن ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو. بنيادي طور عوام جو ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ وارو عمل سياسي لحاظ کان انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ھاڻ عوام ايترو ضرور سمجھي چڪو آهي ته ھي اليڪشن رڳو ڍونڱ آهي، ڊرامو آهي، باقي نه صاف شفاف اليڪشن آهي ۽ نه ئي وري عام ماڻهو جي ووٽ جي ڪا اھميت آهي. ھاڻ اسان جي سياستدانن کي سمجهڻ گھرجي ته عوام جو اعتماد مٿن ۽ سندن نظام تان ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ھاڻ سياستدانن لاءِ غور و فڪر جي گھڙي آهي ته ھو ڪيئن ٿا عوام جو چونڊ عمل تي ٻيھر اعتماد بحال ڪن؟ يقينن جيستائين عوام جي دردن جو درمان نه ڪيو ويندو تيستائين عوام ايئن ئي پنهنجو احتجاجي ردعمل ڏيندو رھندو.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

بيھوده سماج، بدبودار حوس جا پوڄاري ماڻھو!‎‎

خيرات تي پلجندڙ تنهن بادامي ڇوڪريءَ جون اکيون ھر ڪنهن سان اڙجن ٿيون، کيس نوٽ کپن، ماڻھو لالچ عيوض خيرات جي نالي تي پئسا به ڏين ٿا! سا جنهن سان به اکيون ملائي ٿي ڪنهن جادوگر جيان ڄٽن کي اکيون اکين ۾ ملائي جھٽي ڇڏي ٿي! مرد.. ھا! مرد کي پنجن منٽن جو ذائقو چکڻو آھي! اھي زنده ھوندي به مرده آھن! مرد ايترا دوکيباز ۽ حوس پرست آھن جو مون ڪڏھن ڪنهن مرد کي ناھي ڏٺو جڏھن ھو ڪنهن حسين نوجوان ڇوڪريءَ کي خيرات ڏئي مٿي تان ھٿ ڦيري سندس احترام ڪري يا کيس ڀيڻ چئي! کيس ماءُ جو لقب ڏي! ڪيئن ڏي، توڙي جو اھي مجبور فقيرياڻين ۾ به آسرو رکي پيا جيئندا آھن! تن مردن سان ھجت ۾ ڳالھائي 10، 20رپيا وٺڻ ته تنهن فقيرياڻي جي به مجبوري ھوندي آھي. ھونئن نه ھوءَ سندس بيمار ور جي دوا وٺي سگھندي نه ئي معصوم ٻچن جو پيٽ ڀري سگھندي! اصل ۾ اھي سورن ڀري زندگي جو ڍنگ اختيار ڪري وٺنديون آھن پر ڪھڙي خبر تن چرين مردن کي ته غريب عورتن پنهنجي جسماني عزت سان گڏ پنهنجن غريبڙن، بيمار ورن جي عزت جو به خيال رکندون آهن! جيڪي پوتيءَ جو پلاند به ميرو ٿيڻ ناھن ڏينديون! تنهن ڪري ھتي ڪيتريون ئي مجبور عورتون به آھن جيڪي مجبوري جي آخري حد تائين پنڻ تي مجبور ٿي وينديون آھن! (ھي شھر سڄو مجرمن سان ڀريل، ڪنهن کي ڀلا قاضي ڪجي!) ڪي اھڙا مرد به ھوندا جيڪي خدا جي نالي تي خيرات ڏئي ڇڏيندا ھوندا ۽ ڪي اھڙيون به عورتون ھونديون جيڪي غربت ۽ پئسن عيوض مجبور ٿيون هونديون ھي مختصر ڳالھ ھڪ اھڙي فقيرياڻي جي پئي ھلي جيڪا ڪنهن اسٽور جي اڳيان اچي منهنجي ڪپڙن کي ٿي جھلي ۽ ھجت مان خيرات ٿي گھري، ڄڻ سندس گھر جو ڀاتي ھجان، کيس صبر ڪري خيرات ڏيان ٿو! ايئن چوان ٿو پر ھو ٻيھر خيرات گھري ٿي، جنهن تي آئون چڙي پوان ٿو منهنجي (ڀيڻ) صبر ڪر ڏسين پئي دوائون پيو وٺان وٺي لاھيان ته تو کي به ڏيان ٿو! خيرات، جنهن ويلي ھوءَ اداسي ٿي وڃي ٿي ۽ چوي ٿي پيارا ڀاءُ ھڪ ڳالھ چوان بازار کان ھٽي ڪري ڪلھي تي ھٿ رکي روئي پوي ٿي. بدنصيب آھيون اسين فقرياڻيون جن کي ڀيڻ چوڻ مردن تي ڄڻ گناھ عائد ٿي پوي ٿو. تون پھريون نوجوان آھين مون کي ڀيڻ چوين پيو، تنهنجي جذبات سان مون کي محبت آھي پر مونکي خبر آھي تون حوسي مردن مان ناھين! پوءِ غير مردن سان ايتري ھجت ڇو؟ کائنس پڇيم! ڄڻ زندگيءَ جون سموريون آزاريون سندس ذھن تي تري آيون، روئيندي چيائين ايئن نه ڪرڻ سان زندگي جو ريڙھو نٿو ڌڪجي روئيندي ڄڻ خدا کي به دانهن ڏئي رھي ۽ سندس آخري لفظ ھو خدا گواھ آھي، سڄي زندگي ۾ پنهنجي مرد کان سواءِ باقي ڪنهن کي به جسم ناھي ڏيکاريو!

رياض امر ٻجورو/سجاول

سنڌ ۾ ڪڪڙن جي ٿيندڙ ميل ۽ وڌيل ڏوهاري وارداتون!

سنڌ ۾ جتي ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين سان انتهائي محبت سان شوق ڪيا ويندا آھن انهن جو مثال ڪنهن ٻئي صوبي ۾ گھٽ ٿو ملي، انسان جي شوق جا ڪيترائي نظر ايندا رھن ٿا، ھڪڙا جانورن يعني اٺن، گھوڙن ۽ ڏاندن سان پيار ۽ شوق ڪندي ڏٺا ويندا آھن انهن ۾ کوڙ ماڻھو پکين سان محبت ڪري پنهنجو وقت پاس ڪرڻ سان گڏ دلي سڪون وٺڻ لاءِ صرف انهن پکين جون سھڻيون ٻوليون ٻڌڻ انهن جي عادتن ۾ شمار ھوندو آھي، ھونئن ته پکين جا سوين قسم سنڌ اندر اڄ به موجود آھن پر ھن سياري جي جنوري مھيني ۾ ڪڪڙن جي ميل جي مند شروع ٿي ويندي آھي نه رڳو مند پر خفتي جيڪي ڪڪڙن جون ميلون ڪرائي شوق ڪندا رھن ٿا، اھو عشق يعني شوق ناھي پر اتي رڳو جوئا کيڏي ويندي آھي، نه رڳو جوئا پر اتي جيڪي ميلن جي آڙ ۾ ھٿياربند اچي ويھندا آھن يا وري ڪڪڙ جي کٽن تي ھٿيارن جي نمائش شروع ٿي ويندي آهي، ھوائي فائرنگ سبب پوري علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي وڃي ٿو، ڪيترائي ڀيرا ميلن تان واپس موٽندڙ ماڻھن کان ھٿيارن جي زور تي روڪ رقمون ڦر ڪيون وينديون آھن، ميل واري ڏھاڙي تي علائقي ۾ غريب ماڻھن لاءِ نو گو ايريا وارو منظر ڏيک ڏيندو آھي، اسين اڪثر سنڌي ماڻھو ويڙھاند واري ڪڪڙن جو شوق ڪرڻ توڙي ڀلو ڪڪڙ پالي ويڙھائڻ کي پنهنجي عزت سمجھون ٿا پر ايئن نه آھي، ڪڪڙن جي ميل تي ايندڙ وڏا وڏا ڀوتار ۽ وڏيرا شاھي سان تعلق رکندڙ امير ترين ماڻھو اچي لکين رپين جي راند يعني جوئا کيڏن ٿا، وڏين وڏين ڪڪڙن جي ميلن تي ھزارن جي انگ ۾ خفتي ڪڪڙ کڻي اچي ويڙھائين ٿا، انهن ميلن جي ميدان ۾ ڪڪڙ به ڦڙڪندا آھن ته ٻين قسمن جو جوئائون به ٿينديون رھنديون آھن، جنهن ڪري ڪيترن ئي جوئارين جا پئسا ھارجي وڃڻ تي انهن جي منهن تان رونق ختم ٿي ويندي آھي، ميل کٽيندڙ ڌر جا خفتي ڊانسون ڪندي فائرنگ ڪندي ڏٺا ويندا آھن، ھي ڪھڙي طريقي جو شوق ۽ عشق آھي جيڪو رڳو سنڌ جي شھرن ۾ ٿيندي نظر اچي ٿو؟ پر ڪڪڙن جي ميلن تي ڏٺو ويندو آھي ته ڪيترن ئي ھنڌن تي ٿيندڙ ميلن تي پوليس جون منٿليون مقرر ٿيل ھونديون آھن پر جيڪا ميل بنا منٿلي ٿيندي آھي ته پوليس اتي ڇاپو ھڻي اھا ميل بند ڪرائي ڇڏيندي آھي، ڇو ته چوندا آھن ته رشوت ڏيندڙ وٺندڙ ٻئي ساڳي ڏوھ جا ڏوھاري آھن، ھيءَ شوق جي نالي سان ٿيندڙ ڪڪڙن جي ميلن ڪيترن ئي سرندي وارن ماڻھن کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آھي، جوئا ھڪ ناسور ڦٽ جيان آهي، سنڌ ۾ ڪڪڙن جي ميلن تي مڪمل پابندي ھڻي سنڌ پوليس جي جوانن جي ڪن مھٽ ڪئي وڃي ته جيئن ڪڪرڻ جي ويڙھ وارو ظلم ھميشه لاءِ پنهنجي انجام تي پھچي وڃي.

گل بيگ چانگ/خيرپور

نئين ايپ مان ماسترن کي ڪھڙي تڪليف آھي؟

سنڌ حڪومت پاران ماسترن کي پابند بڻائڻ لاءِ موبائيل وسيلي ھڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي وئي آھي، جيڪا سنڌ حڪومت جو بهترين ۽ ڪامياب قدم آھي، ان ايپ ذريعي ماستر ڊيوٽي تي اچڻ ۽ موڪل ڪرڻ مھل پنهنجي انٽري ڪندا، سنڌ حڪومت پاران ايپ آڻڻ بعد عادي ڊيوٽي چور ۽ گوسڙو ماستر ويچارا سخت پريشاني ۾ ورتل آھن ھر طرف کان ماسترن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن ته سنڌ حڪومت ماسترن کي ڊيوٽيءَ جو پابند بڻائي ماسترن سان صفا ناحق ڪيو آھي ماسترن نئين ايپ بابت وڏي ۾ وڏو بهانو اھو ڪيو آھي ته موبائيل ۾ سگنل ۽ چارج نه ھجڻ سبب سندن انٽري نه ٿي سگھندي، نتيجي طور روز جي بنياد تي سندن پگھار ڪٽوتي ٿيندي، آئون ماستر سڳورن کي چوان ٿو ته اوھان مورڳو ڊيوٽيون پابندي سان ڪيو، باقي چارچ يا سگنل نه ھجڻ ڪري ٽائيم تي انٽري نه ٿيڻ سبب اوھان جي ڪائي ڪٽوتي نه ٿيندي، ان لاءِ اوھان پريشان نه ٿيو ان جو جوڳو حل گورنمينٽ ضرور ڪڍندي، جيڪڏھن حقيقت سمجھجي ته ماسترن کي ٽائيم تي انٽري نه ٿيڻ جي ڪائي ڳڻتي نه آھي ھنن کي ڳڻتي فقط پريشاني فقط اھا آھي ته ھو ان ايپ ذريعي ڊيوٽين جا پابند ٿيندا، تنهن جي ڪري کين ان ايپ مان تڪليف ٿي رھي آھي، جڏھن ته تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ تعليم کاتي جي وفاقي صوبائي وزيرن مشيرن ننڍن وڏن ڪامورن سان گڏوگڏ گوسڙو ۽ ڊيوٽي چور ماسترن جو پڻ وڏو ھٿ آھي، اھڙن ماسترن جو مقصد صرف اھو آھي ته ماھوار پگھارون به کڻون پيا ۽ ٻارڙن کي تعليم به نه ڏيون، تنهن جي ڪري ھنن پنهنجون يونينون ٺاھيون آھن، تعليم جي تباھي جا وڌيڪ ذميوار ماستر يونينون آھن جڏھن به حڪومت تعليم کي سڌارڻ لاءِ ڪو تحرڪ وٺندي آھي ته ماستر جون يونينون تعليم بهتر بڻائڻ لاءِ جوڙيل حڪومتي پاليسن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ميدان تي اينديون آھن، حڪومت پاران متعارف ڪيل نئين ايپ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قابل فخر عمل آھي، اسين حڪومت جي ان قدم جي آجيان ڪيون ٿا ۽ حڪومت کي تاڪيد ڪيون ٿا ته ان ايپ وسيلي ماسترن کي انٽري ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي، آئون اديبن، دانشورن، سوشل ايڪٽيويسٽن، سياسي، سماجي ڌرين ۽ سنڌي ميڊيا کي پڻ اپيل ٿو ڪريان ته تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت پاران آندل نئين ايپ واري پاليسي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت مٿان تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ دٻاءٌ وجھندا رهن.

اسماعيل بهلڪاڻي/ تنگواڻي

سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن ۽ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي!

سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جي ٻيئن مرحلي ۾ به پ پ پ سوڀاري رهي، سنڌ مختلف علائقن ۾ پ پ پ جي مضبوط پڪڙ آهي جنهن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي پر هاڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊين ۾ پ پ پ سياسي قوت جي طور تي سامهون آئي آهي جيڪا ڳالهه ساراهه جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ان کان اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي طاقت ايم ڪيو ايم وٽ رهي آهي پر ان سان گڏ ڪراچي شهر ۾ هيٺين سطح تائين عوامي مسئلا حل ڪرڻ لحاظ کان جماعت اسلامي به ساک واري ۽ قابل قدر رهي آهي. گذريل 20/25 سالن دوران ڪراچي ۾ روڊن رستن، گهٽين، سيوريج، صفائي، صحت، تعليم ۽ امن وامان حوالي سان صورتحال گهمڀير رهي آهي پر هاڻ مڪاني چونڊن لحاظ کان ٻي مرحلي ۾ جيڪا گهڻي قدر ڪاميابي پ پ پ کي ملي، اها صاف ۽ سڌي ظاهر ڳالهه ٿئي ٿي ته پ پ پ جا اميدوار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ قابل قدر ساک وارا ثابت ٿيا. تڏهن ته اتان جي ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي کين چونڊرائي ڏيکاريو. هاڻي پ پ پ حيدرآباد ۽ ڪراچي شهر جي پنهنجو ميئر ڏيڻ ۾ ڪامياب آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت خاص ڪري ڪراچي ميئرشپ حوالي سان جماعت اسلامي سان گڏيل طور ميئر آڻي سگهي ٿي. حيدرآباد ميئر لازمي پ پ پ جو ٿيندو. ياد رهي ته اها اليڪشن ڪراچي ڊويزن جي 07 ضلعن ۽ حيدرآباد 09 ضلعن ۾ ٿيا. سنڌ حڪومت بلدياتي اليڪشن کان ڀڄي رهي هئي پر اليڪشن ڪميشن جي اعلان موجب اليڪشن 15 جنوري تي ٿيا جنهن ۾ پ پ پ اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا جنهن ظاهر ڪيو ته پ پ پ هاڻ سڄي سنڌ ۾ مضبوط آهي. ايندڙ جنرل اليڪشن به پري ڪونهن هن خط ذريعي پ پ پ جي ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏجي ٿي ۽ خاص مبارڪون پ پ پ کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ميئر ملڻ جون ڏجن ٿيون. اميد ته پ پ پ ڪراچي شهر جي محروميون ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي ڇاڪاڻ ڳالهه ملڪ ۾ سياست ۽ جمهوريت مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ جي آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل