چٽوگرام(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٽئين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي 50 رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي ويو. بنگلاديش جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 48.5 اوورن ۾ 246 رنز تي پوري ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي. شڪيب الحسن 75، مشفيق رحيم 70 ۽ نجمل حسين شانتو 53 رنز ٺاهي نمايان رهيا. انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر 3، عادل رشيد ۽ سيم ڪيورن 2-2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ جي ٽيم 43.1 اوورن ۾ 196 رنز تي ڍير ٿي وئي. جيمز ونس 38، فل سالٽ 35 ۽ ڪرس ووڪس 34 رنز ٺاهي نمايان رهيا. شڪيب الحسن تيجل اسلام ۽ عبادت الله 2-2 وڪيٽون ورتيون. شڪيب الحسن کي 75 رنز ٺاهڻ ۽ 4 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته عادل رشيد کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.