ڇور (ن پ ا) ڇور پريمئر ليگ سيزن ٽو ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ رائونڊ مئچ پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ حر فائيٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو، پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنز ٺاھيون، پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور طرفان جسونت ڪمار بجير 124 رنز جي شاندار اننگ کيڏي.  جواب ۾ حر فائيٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنز ٺاهيون. حر فائيٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور طرفان ھميرسنگهه سوڍو 41 رنز ٺاھي نمايان رهيو. پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور طرفان دولت پٺاڻ 5 وڪيٽون ورتيون. آخر ۾ مھمانن  لالچند ھينگرو پاران مين آف دي مئچ جسونت ڪمار بجير کي قرار ڏنو ويو.