اشو آف دي ڊي … جتي انسانيت وسندي آ اتي رنگ نکري پوندا آهن: سوشل ميڊيا به هولي جي رنگن ۾ رنگجي وئي

0
249

 سوشل ميڊيا به هولي جي رنگن ۾ رنگجي وئي، هڪٻئي کي هولي جون واڌايون ڏنيون ويون، هولي ملهائڻ واريون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ويون، ان حوالي سان لال مالهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هندو ڪميونٽي جو رنگن جو ڏينهن هولي مبارڪ، هندو ڌرم ۾ هولي جو ڏڻ وڏي اهميت رکي ٿو، هي سچ جي فتح جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي ڀڳوان کان پراٿنا آهي ته پاڪستان تي جبر جو دور ختم ٿئي، جمهوريت ۽ انصاف جي بالادستي ٿئي، پاڪستان ۾ حقيقي آزادي قائم ٿئي. دريا خان لکيو ته سنڌ سميت پوري دنيا ۾ رھندڙ ھندو ڀائرن کي ھولي جو واڌايون، حيدر جوڻيجو، سرمد ادل سولنگي، اخلاق بخاري، مسرور کهڙو ۽ هالار آريجو پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته

سنڌڙيءَ جي سينڌ ۾ رنگن ڀري رات،

ھولي ۽ بارات، ٻئي سھيليون سونھن جون.(شيخ اياز)

                         ڪائنات هاليپوٽو پوسٽ شيئر ڪئي ته رنگن سان پيار ڪندڙن کي رنگن جو تهوار( هولي) مبارڪ، اسماعيل بجير پوسٽ شيئر ڪئي ته سڀني سڄڻن کي رنگن ڀريو تھوار هولي جون شڀ ڪامنائون، وحيد جاگيراڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته ھند ۽ سنڌ ۾ رھندڙ سڀني پيارن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ھيپي ھولي مبارڪ، جتي به ھجو محبت جي رنگن ۾ رنگيل ھجو، محبت امن ۽ رواداري جي اھڃاڻ سنڌ ڌرتي سميت پوري دنيا ۾ رھندڙ ھندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل سان ھولي مبارڪ شل منهنجي سنڌڙي جي اھا امن محبت ۽ رواداري جي پنج ھزار سال پراڻي روايت قائم ۽ دائم رھي.فيصل رضا پوسٽ شيئر ڪئي ته محبت پيار امن شانتي جي پيروڪارن کي ھولي ڌڻ جون لک لک شب ڪمنائون قبول پون، جنهن تي عبدالغني ڪاتيار لکيو ته ‏رنگن جو ڪو به مذھب ناھي ھوندو، رنگ ته بس پيار، محبت ۽ امن جو درس ڏين ٿا. فطرت جي رنگن سان سرشار ٿيل سنڌو تهذيب جي عظيم ۽ رنگين رسم هولي جو تهوار سڀني پيارن کي ۽ منھنجي جيجل ڌرتي سنڌ وارن کي ھولي جون شڀ ڪامنائون ھجن،عبدالغني پالاري، ذوالفقار پالاري، مڪيش ڪمار، ذوالفقار عباس به واڌايون ڏنيون. ساجده کهاوڙ پوسٽ شيئر ڪئي ته سڀني دوستن کي ھولي جون مبارڪون، علي نواز پنهور ۽ روبينه عمراڻي به واڌايون ڏنيون. آفاق احمد ۽ عنايت تنيو پوسٽ شيئر ڪئي ته رنگن جو ڪو به مذھب ناھي ھوندو ، رنگ ته بس پيار ،محبت ۽ امن جو درس ڏين ٿا …..فطرت جي رنگن سان سرشار ٿيل سنڌو تهذيب جي عظيم   ۽ رنگين رسم ”هولي“  جو  تهوار  سڀني پيارن کي ۽ منھنجي جيجل ڌرتي سنڌ وارن کي ھولي جون شڀ ڪامنائون ھجن…

 پرين رنڱي پريت سان ، جي چُني ۽ چولي ،

ته سرتيون هيءَ ھولي ، مبارڪ مون لئه ٿئي !

اسحاق ساگر پوسٽ شيئر ڪئي ته

عيد به ساڳي هولي به ساڳي

پاڻ ٻنهي جي ٻولي به ساڳي

مون وٽ تو لاءِ مـان وڏو آ

مذهب کان انـسان وڏو آ

امن پسند انسانن کي هولي مبارڪ، جنهن تي راشد جت، لالا ڪريم، قادر بخش ڀنڀرو به واڌايون ڌنيون. اندرا پوناوالا پوسٽ شيئر ڪئي ته سڀني کي هولي جون مبارڪون هجن، جنهن تي اشفاق نظاماڻي، زيب ڪنگو، شبنم سومرو، اعجاز سولنگي، منصور نثار، ايم شريف مارفاڻي، جايا گلواڻي، سريتا ننڪاڻي، مڪيش ولاسائي به هولي جون مبارڪون ڏنيون. جاويد احمد پوسٽ شيئر ڪئي ته

محبتن جو ڪوبـ مذھب ناھي ھوندو،

جتي انسانيت وسندي آ اتي رنگ نکري پوندا آھن .

ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته سمورن ساڃھوند پريتمن کي رنگن جي رنگيني سان سرشار هولي تهوار جون واڌايون. جنهن تي ڀورو رٻاري، ڪمليش ڪمار، بابو خشڪ، نواز کهاوڙ، رميش ڪمار، مختيار مهر، تنويز سنگهه سوڍا، تيجو مل ميگهواڙ، امرت ڪمار ۽ ٻين به هولي جون مبارڪون ڏنيون. سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪئي ته اسان سنڌ وطن جي مٽي مان جنميا آھيون،اسان کي فخر آھي ته اسان سنڌي قوم آھيون سڀني سنڌين کي ھولي جون شڀ ڪامنائون…دولت منواڻي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته

اِها ئي آ زمين منهنجي

اِهو منهنجو گگن آهي.

خوشين ڀري تهوار هولي جنهن کي هندو ڌرم سان وابستو رکندڙ بهار جي مند آمد طور ملهائيندا هئا جنهن کي اڄ به انهي ئي جوش جذبن ۽ محبتن جي رنگن سان ملائي رهيا آهيون انهي خوشي جي موقعي تي اسان عمرڪوٽ توڙي سڄي ڪائنات ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پر انهي خوشبوء دار ۽ محبتن جي رنگن جون خوشيون عمرڪوٽ ۾ ڪجهه الڳ طرح ملهائبيون آهن جنهن کي هولي کان 5 يا 6 ڏينهن اڳ ۾ هر چوڪن تي ڍانڍيا راند، گبڍي راند ۽ قومي ترانن تي رڪش ڪري ملهائيندا آهيون، جن کي اسان ڀرپور نموني اڄ سيليبريٽ ڪيو منهنجن پيارن دوستن ۽ منهنجي سردار راڻي مل او پي ايس مالهي، چيتن کيتاڻي، بي ايم مالهي سان گڏ خوب انجواءِ ڪيو ۽ ايجوڪشن منسٽر سردار علي شاهه صاحب جي شاعري ´´سنڌ منهنجي امڙ“ تي پڻ جهومياسين.ڪنهيا سورياڻي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ھي منظر ڪو ھندوستان جي شھر جا نه آھن ھي پاڪستان جي پياري سنڌ صوبي عمرڪوٽ شھر جا آھن جتي ھندو برادري ھر سال ھفتو پورو ھولي جو مزو وٺندا ۽ لطف اندوز ٿيندا آھن پوري آزادي سان، جاويد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سموري هندو برادري کي رنگن جي ڏڻ هولي جون مبارڪون، علي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته سڄي سنڌ ۽ هند کي کي رنگن جي تھوار ھولي جون واڌايون ھجن، اڪرام چانڊيو لکيو ته هولي کي مذهب جو ويس خبر ناهي ڪهڙي دور ۾ پارايو ويو پر هي تهوار سنڌو تهذيب جا ماڻهو بهار اچڻ جي خوشي ۾ صدين کان ملهائيندا پيا اچن.تاج سنڌي پوسٽ شيئر ڪئي ته اچو ته سنڌ جي نگر، نگر کي هوليءَ جي رنگن سان رڱي دنيا اهو پيغام ڏيون ته اسان فقط ۽ فقط سنڌي آهيون. اسان رَت سان نه پر رنگن سان راند ڪيون ٿا. اسان پيار جا پيامبر آهيون. اسان ئي ڌرتيءَ جي گولي تي بهار جي اُميد آهيون. شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ اھو خطو آھي, جنھن پنھنجي خمير ۾ مذھبي انتھاپسندي کي ڪڏھن جاءِ ناھي ڏني، پنھنجي قومي وجود، سنڌيت ۽ انسانيت ناتي اسان ڄڻ  ھڪ جسم جا مختلف حصا ھجون. اسلامڪ عيدون ھجن ته ھندو مذھب کي مڃيندڙ ڀائر اسان کي گھر اچي واڌايون ڏين، خوشين ۾ شريڪ ٿين، سندن مذھبي ڏھاڙا ھجن تھ اسان ساڻن گڏ اھي ملھائيندي خوشي محسوس ڪريون. پياري ڀاءُ ھرجي مل ۽ ھيرا لال جي دعوت تي سنگت سان ھولي جا رنگ وکيريندي سرھائي محسوس ڪئيسين.فوزيه سينگار نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ اسان جي گھر به ننڍڙا ٻچڙا رنگ کڻي پھتا. ھي جن لاءِ انڌي سماجي نظام وٽ اھا اک ئي ناھي جيڪا ھنن جي سونھن ڏسي سگھي. باگڙي ٻارن جي ھٿن ۾ رنگ ھئا ۽ اکين ۾ پنهنجائپ جي جوت. ھولي ڏڻ جون واڌايون، اسد چانڊيو وڊيو شيئر ڪئي ته هولي اسان جي ڌرتي جو رنگ آهي، ڌرتي جو ڪلچر آهي، اسان جي ڌرتي مان ڦٽل آهي، هي ڪو مذهبي ڏينهن ناهي، جيڪو عام طور اسان کي مذهبي انتهاپسندي سمجهائي ٿي ته هي فلاڻو مذهب ، هي موسمن جا ڏڻ آهن ۽ موسم هر ماڻهو لاءِ ساڳئي هوندي آهي چاهي اهو رنگ جو ڳورو هجي ڪارو هجي، ڪو به مذهب هجي، هي بهار اچي پئي، بهار اچڻ سان جيڪي خوشيون آهن اهي مختلف هنڌن تي مختلف اندازن سان ملهايون وينديون آهن علي زيدي، عمران خان، ويرجي ڪولهي، اصغر نارجيو، حريف چانڊيو، الاهي بخش بڪڪ، اسد ممتاز رڏ، گلشن لغاري، نارائڻ ڪولهي، حفيظ ڪنڀر، جئپال ڇاٻڙيا، روحي ڪنگراڻي، عرفان عالماڻي، عامر انصاري،همٿ مغيري، شوڪت حيدري، غازي بجير، حبيب چانڊيو، نديم چانڊيو، ورثه پيرزادو، دليپ رتناڻي، ساگر مڪيش به هولي جون مبارڪون ڏيڻ جون پوسٽون شيئر ڪيون.