سنڌ ۾ فراڊين جو ٽولو سرگرم!‎‎

 

ڪنڌڪوٽ ۾ ھمراھ جعلي پير ھٿان ٺڳجي ويو، هي عجيب قسم جو فراڊ پورن 5 لک ڏھ ھزار جو فراڊ هو. ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ باھو سبزوئي جي رھواسين نوجوان سائين بخش ولد ڪالو خان سبزوئي سلکاڻي جيڪو پنھنجي زباني واقعو ٻڌائي ٿو ته مان 25 فيبروري ڇنڇر جو نائين وڳي ڪڪڙ وڪڻي ڪنڌڪوٽ گھنٽا گھر چوڪ تي واپس پي ويس ته سنڌ بئنڪ شمس پمپ ويجھو ھڪڙي شخص سائين چئي پيرين پئي ملي رھيا آھن، مان به وڃي سائين سمجھي پيرين پئي مليس، سائينءَ جو نالو قربان شاھ عرف مسڪين شاھ آھي، مان مديني جو سائين آھيان، توکي ڇا کپي؟ ھن چيو ته مون کي پٽ جو اولاد ناھي، اولاد کپي، اوچتو ھڪڙو شخص آيو ان چيو ته سائين مون کي توھان تعويذ ڏنو، منھنجا پئسا ڊبل ٿي ويا آھن، سائين مون کي چيو ته تو وٽ پئسا آھن؟ مان چيومانس ته ھا، ان چيو ته ڪنڍ مان پنج سو ڏنا، سائين تعويذ لکي جادو جا دم ڪري انهن پئسن ۾ ويڙھي ڏنا، چيائين ھن کي کيسي ۾ رک گھر وڃ جيڪي پئسا پيا ٿئي ڪنھن کي ٻڌائجان نه، کڻي اچ ته توکي ڊبل ڪري ڏيان، جي نه آندئي ته پئسن کي باھ لڳي ويندئي، مان فورن گھر آيس، ڀاءُ جيڪو سعودي عرب ۾ ڪمائي 5 لک ڏھ ھزار موڪليا هئا، اھي مان گھر مان کڻي مائٽ کي چيم ته مون کي موٽر سائيڪل تي پھچائي اچ، جڏھن مان شمس پمپ وٽ پھتس ته سائين چيو چڱو ٿيو اچي وئي، پئسا آندئي؟ مان چيو ھا، سائين چيو ھي شخص ڪير آھي؟ مان چيومانس ته پنھجو آھي، سائين ان موٽر سائيڪل واري کي چيو تو وڃي گھنٽا گھر تان ڌاڳو وٺي اچ، اھو ھليو ويو، مان سائين کي پئسا ڏنا، سائين دم ڪري پئسن جي ڳنڊ رکي ٻيو ڪارٽون ڏنو، چيائين ته ھن ۾ توکي پئسا ڊبل ٿيل اٿئي، ان کي گھر وڃي کولجاءِ، ھو ان جا ساٿي ھليا ويا، جڏھن منھنجو مائٽ موٽي آيو ته ان چيو پئسا؟! مان چيو سائين کي ڏنا، سائين ڪارٽون ۾ ڊبل ڪري ڏنا آھن، جڏھن منھنجي مائٽ ڪارٽون کوليو ت ان ۾ نقلي نوٽ پيل ھئا. مان سي سيڪشن ٿاڻي وڃڻ باوجود ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ ۽ اتي موجود سي سي ٽي وي فوٽيج چيڪ ڪرڻ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مان ايس ايس پي عرفان سمون کان مطالبو ٿو ڪريان ٿو نوٽيس وٺي فراڊين کي گرفتار ڪري منھنجا پئسا واپس ڪيا وڃن.

 

ميانداد مري/ڪنڌڪوٽ

 

هڪ خط جسٽس صلاح الدين پنهور ڏانهن!‎‎

 

گهوٽڪي ضلعي اندر تعلقي ميرپورماٿيلو جي گڻگي کان شروع ٿيندڙ سم نالو (ڪارو نارو) جيڪو تعلقي خانڳڙهه ۽ تعلقي گهوٽڪي مان گذرندو ضلعي سکر اندر نارا ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪري ٿو پر هن ڀيري هن ڪاري ناري سم نالي تعلقي خانڳڙهه جي يوسي ڀيٽور ۽ يوسي قاضي بادل سميت تعلقي گهوٽڪي جي سياست جي ور چڙهيل يوسي صالح مهر کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي جنهن جي ڪري گهوٽڪي ضلعي جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن، ڪاري ناري سم نالي جو سڀ کان وڏو مسئلو حڪومتي عدم دلچسپي ۽ ڪرپشن آهي جنهن هنن يوسيز کي ٻوڙيو آهي، 2010ع جي مها ٻوڏ کان پوءِ گهوٽڪي ضلعي مان نڪرندڙ هن سم نالي تي فقط ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا پر عملي ڪم نه ٿيو جنهن ڪري 2022ع ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي آئي. افسوس ايڏي وڏي تباهيءَ باوجود هن وقت تائين سنڌ حڪومت هن سم نالي ڪاري ناري جي بحالي لاءِ ڪو به قدم نه کڻي سگهي آهي، ان ئي اهڙو ڪو عملي ڪم نظر اچي ٿو، جنهن ڪري هن علائقي جي رهواسين ۾ سخت بيچيني ۽ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. هن خط ذريعي اسين هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب کي عرض ڪريون ٿا ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارو نارو سم نالي جي وقت سر کاٽي کڻائي وڃي جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪنهن وڏي تباهيءَ کان بچي سگهجي. ڪارو نارو سم نالي جي متاثر ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي پڻ واهر ڪري کين رليف ڏنو وڃي.

 

ذاڪر حسين مهر/ ڳوٺ عارب مهر، گھوٽڪي

 

ڀوتارن جو جرڳو، 2 نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو!‎‎

 

گهوٽڪي ضلعي ۾ ڀوتارن جو راڇ قائم ٿيل آهي، ستارا مهر ۽ شڪور مهر پيار جو پرڻو ڪيو هو، هنن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ڀوتارن فيصلو ڪري سڱ چٽيءَ ۾ نياڻيون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، هي وڏو ظلم آهي. گهوٽڪي ضلعي ويجهو ڳوٺ علي محمد مهر ۾ گذريل ڪيترن سالن کان پيار جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ستارا مهر ۽ شڪور مهر سان انصاف ڪيو وڃي، جيڪي مظلوم آهن، هن تڪ جي ڀوتارن ۽ وڏيرن هڪ فتويٰ جاري ڪئي آهي ته شڪور مهر جي ڀاءُ جي ڌيءَ کي سڱ چٽي ۾ ڏنو وڃي. شڪور مهر، ستارا ۽ شڪور جي والد سرور مهر اهو فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ڀوتارن هڪ حڪم جاري ڪيو آهي ته شڪور مهر جي ماءُ پيءُ کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏني وڃي، جنهن ڪري شڪور مهر جو خاندان هن وقت دربدر بڻيل آهن. شڪور مهر ۽ ستار مهر جو چوڻ آهي ته پيار جو پرڻو ڪيو آهي ڪو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن ڪري تڪ جا ڀوتار اسان جا دشمن ٿي ويا آهن؟ شڪور ۽ ستارا مهر پاڪستان جي اعليٰ عدالتن کان، انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ظالم وڏيرن، ڀوتارن کان انهن کي جان جو خطرو آهي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

زبون حال مڊل اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرايو!‎‎

 

ضلعي ٽنڊوالھيار جي يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري جي گورنمنٽ مڊل اسڪول ۾ سھولتن جي اڻھوند بابت وڏي عرصي کان ھن اخبار ۾ لکندا رھيا آھيون، ھڪ سال اڳ تائين استادن ۽ فرنيچر جي ڏاڍي کوٽ ھئي پر اسين شڪر گذار آھيون سنڌ حڪومت ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ جا جن آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جون ميرٽ تي ڀرتيون يقيني بڻايون، جنھن تحت ھن اسڪول ۾ 5 نوان جي ايس ٽيز استاد اچي چڪا آھن ۽ ڪجھ ڏينھن پھرين 30 ڊيسڪون به اسڪول کي مليون آھن، جنھن ڪري استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ ڪافي حد تائين ختم ٿي وئي آھن، جنھن جو سھرو سنڌ حڪومت جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي وڃي ٿو، ھاڻ رڳو حڪومت کان اھو مطالبو ٿا ڪريون ته اسڪول جي عمارت جيڪا 1995ع ۾ تعمير ٿي ھئي، اها هن وقت انتھائي زبون حال بڻجي چڪي آھي، انھيءَ جو نوٽيس وٺي ان جي مرمت ڪئي وڃي ته اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون مڪمل طرح سٺي نموني ھلي سگھن ۽ معصوم ٻار بنا ڪنھن ڊپ ۽ خوف جي اسڪول ۾ تعليم پرائي سگھن.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

ضلعي گهوٽڪي ۾ 2 نمبر شيون سرعام هلڻ لڳيون!

 

پوري گھوٽڪي ضلعي ۾ 2 نمبر کليل گيھ جو سرعام دڪاندار وڪرو پيا ڪن، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته کليل گيھ جي وڪري تي پابندي وڌي هئي ۽ جيڪو دڪاندار کليل گيھ وڪرو ڪري ان مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي پر افسوس ته گھوٽڪي انتظاميه ڪورٽ جو حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿيون آهن، گهوٽڪي شهر ۾ چپس تيار ڪئي وڃي ٿي، جيڪو گيھ ان ۾ استعمال ڪن ٿا اهو ٻه نمبر گيھ آهي ۽ گهوٽڪي شهر ۾ آئيس ڪريم، پولڪا ۽ قلفيون تيار ڪرڻ جون ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي فيڪٽريون لڳيل آهن، جتي صرف 2 نمبر شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. آئيس ڪريم هجي توڙي قلفيون هجن، اڪثر ڪري ٻهراڙيءَ ۾ هلائڻ لاءِ مزدورن کي سائيڪلون ڏنيون ويون آهن، اهي مزدور سائيڪلن تي ٻهراڙيءَ جي مختلف علائقن ۾ ويندا آهن، جيڪي ٻهراڙين جي معصوم ٻارڙن کي وڪرو ڪندا آهن، انهن 2 نمبر شيون جڏهن معصوم ٻارڙا واپرائن ٿا ته اهي مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا، جن ۾ هيپاٽائيٽس سي، هيپاٽائيٽس بي، ٽي بي، گڙدا فيل ٿيڻ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين وٺجڻ لڳا آهن پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته گهوٽڪي انتظاميه رشوت جي چند پئسن عيوض انساني زندگي سان کڏي رهي آهي. ميڊيڪل اسٽورن تي 2 نمبر دوائون هلن پيون، پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي. گهوٽڪي ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته ٻه نمبر گيھ، چپس، آئيس ڪريم قلفين جي ننڍن ڪارخانن کي سيل ڪري ٻه نمبر ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري معصوم ٻارڙن ۽ شهرين جي جي حياتي بچائي وڃي.

 

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

 

ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر سروي، اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا!

 

سانوڻيءَ جي برساتن ۽ ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل متاثرن آرميءَ جي نگراني ۾ ٿيل سروي تي حڪومت پاران بي يقينيءَ جو اظهار ڪندي اين جي اوز کان ٻيهر سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مطلڀ واري ڳالھ اها آهي ته حڪمرانن کي يعني رقم ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻي ناهي، جيڪڏھن انهن لکين بيگهر ماڻھن جو حڪمرانن وٽ تر برابر به احساس هجي ها ته اٺن مهينن کان اعلانن جي آسري ۾ انهن کي نه ترسايو وڃي ها ۽ ٻيهر سروي سا به سنڌ جي ڪرپٽ اين جي اوز کان ڪرائڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته شايد آرميءَ جي نگراني ۾ ٿيل سروي ۾ سرڪار سڳوري جو هانءُ ٿڌو نه ٿيو هو ۽ انهن جي جعلي ماڻھن کي حقيقي حقدار ڪيئن ڄاڻائجي ها! سو ان لاءِ ٻيهر سروي واري ڪم ۾ حڪومتي ڌر ۽ انهن جي سفارشي ماڻھن کي به ان رقم ملڻ جو آسرو ٿيندو ۽ اين جي اوز به پنهنجي ڪرپشن ڪندي. پئسن تي سفارشي سروي ٿيندي، جن غريبن وٽ هن وقت پيٽ گره کائڻ جي وصيعت ناهي انهن کي مالدار قرار ڏئي پراڻي سروي مان هٽايو ويندو، سنڌ جي لکين ۽ خاص طور تي دادو ضلعي ۽ ڪاڇي جا ٻوڏ متاثر پڇن ٿا ته ڇا آرمي کان پوءِ اين جي اوز ٻوڏ متاثرن جي صاف ۽ شفاف سروي ڪري سگهنديون؟ لکين ماڻھن جي ذهنن ۾ شڪ شڀا ۽ نڪرندڙ سوالن جو سرڪار اڳتي هلي ڪهڙو جواب ڏيندي؟ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ٻوڏ متاثرن جي همدرديءَ خاطر هنيل هام کي ڪيتري حد تائين ۽ ڪڏھن پورو ڪيو ويندو؟ سو انهن لکين متاثرن جي ذهنن ۾ سوال اهو ئي اڀري ٿو ته: “اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا!”

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا، ڪاڇو

 

قديمي ڳوٺ گھنڊيا جو بنيادي اسڪول کي سئو سال گذري ويا!

 

سڪرنڊ جو قديمي ڳوٺ گھنڊياجي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گھنڊيا اسڪول ۾ ھڪ سو سال اڳ منهنجي ڏاڏي ڳوٺ گھنڊيا جو معزز رئيس مرحوم دائم خان زرداري بنا معاوضي اسڪول لاءِ پنهنجو ذاتي پلاٽ ڏنو ھو، جنهن ۾ منهنجي ڏاڏي اسڪول لاءِ ٻه ڪچا ڪمرا ٺھيل ڏنا ھئا، جيئن ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺ جا معصوم شاگرد ۽ شاگرياڻيون تعليم پرائي سگهن. آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ تاج محمد چانڊيو، ڳوٺ شامل انڙ، ڳوٺ محمد عثمان انڙ، ڳوٺ علي حسن زرداري ۽ آسپاس ڪيترائي ڳوٺن جا شاگرد اسڪول ۾ پنڌ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا. اسڪول مان تعليم حاصل ڪري وڏن عھدن تي فائز ٿي خدمتون انجام ڏنيون. 1995ع ۾ اسڪول جي بلڊنگ منظور ٿي، جيڪا ٻن ڪمرن تي مشتمل ھئي، اسڪول جي استادن ۽ آفيسرن جي خدمت کاڌي پيتي جو بندوبست رئيس مرحوم دائم خان زرداري جن پاڻ ڪـندا ھئا، انتظاميه سان مڪمل تعاون پڻ شامل ھو. اسڪول جا شاگرد وڌي وڃڻ ۽ ڪمرن جي کوٽ سبب 2015ع ۾ چار ڪمرن جو واڌارو ڪيو ويو، جن جو گذريل ڇھن سالن کان ڪم جاري آهي. پرائمري اسڪول گھنڊيا جو بنياد مرحوم رئيس دائم خان زرداري وڌو، تعليم پنهنجي ٻن ڪچن ڪمرن جي ڪمرن ۾ شروعات ڪيائين ته جيئن ڳوٺ ۽ آسپاس جا ماڻهو تعليم پرائي سگهن. ان وقت ۾ استاد جي رھڻ ڪرڻ، کاڌي پيتي جو انتظام به پاڻ ڪندا ھئا، جنهن ۾ ڳوٺ توڙي آسپاس جا ھزارين ماڻهو تعليم حاصل ڪري سٺن سٺن عھدن تي فائز ٿي ويا آهن.

 

منظور علي زرداري/سڪرنڊ

 

ڳوٺ جون يادون!

 

جڏهن کان بهار جي ٿڌڙي هوا گهلڻ لڳي آهي، تڏهن کان سڄي ماحول ۾ هڪ خاص قسم جي تازگي محسوس ٿي رهي آهي، هتي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ گل گلزاري لڳي پئي آهي، اڄ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جنت جو هڪڙو ٽڪڙو لڳي رهي آهي. هن جنت جي ٽڪڙي ۾ ويهي گلن سان ڳوٺ جون ڳاليون ڪندو آهيان. اڄ مون کي ڳوٺ ۾ گذاريل ڪجهه حسين پل ياد اچي رهيا آهن، هاڻي ته ڪڻڪ به آڀون ٿي وئي هوندي، هاڻي ته گل گينڊا به ڳوٺ جي ڳلين کان منهنجو پڇندا هوندا. ها هاڻ ڳوٺ جي وايومنڊل ۾ هڪ نئين تازگي ۽ سرهاڻ وکريل هوندي، ها هاڻ ته ڪڻڪ جا سنگ (آڀون) پچائي کائڻ جهڙا ٿي ويا هوندا، دل چوي ٿي ته ڳوٺ ڏي هلجي، ٻنيون ٻارا فصل سارا گهمجن. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته لينس ڊائون پل تي وڃي سنڌوءَ کي چوان ته جڏهن تنهنجو سونهري پاڻي منهنجي  ڳوٺ جي فصلن ۾ وڃي ته انهن کي وڃي چئي ته:

اوهان کان سواءِ ڪيئين گذرن ٿيون شامون،

اهو تون سنڌوءَ جي ڪنارن کان پڇجان!

 

سرفراز احمد لغاري/ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو پهريون)

سڄي رات دلدار سان گذاريل ڪئين امر گھڙيون منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيون هيون، صبح جو هڪ دل چيو ته ورزش لاءِ جم ۾ نه وڃاڻ ۽ ٻي دل چيو ته اُستاد يوسف انتظاري هوندو، ٻي دل جي ٻڌي اُستاد سان گڏ اچي ٻانهن جي ورزش ڪيم. ورزش دوران استاد گھڻو سمجھايو ته جيل انتظاميه پاڻ کي ويڙهائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، خاص طور تي  عملدار، انهن کي ان جو ڪو به موقعو نه ڏيو. اُستاد مون کي چيو ته مون کي تو کان مٿي شفقت ۽ طارق ناريجو ناهن، آئون انهن کي جلد پنهنجي کوليءَ مان شفٽ ٿو ڪرايان. استاد يوسف وساڻ ڪجھه سوچڻ کان پوءِ چيو ته تنهنجي ياري ته مون سان ۽ دلدار سان آهي، ان لاءِ توکي ته ٻين تي ڌيان ئي نه ڏيڻ کپي، مون مُرڪي هن کي جواب ڏنو ته بيشڪ منهنجو رڳو توهان ٻنهي سان واسطو آهي پر توهان سان هر لاڳاپيل شيءِ ۽ فرد منهن ۾ ته پوي ٿو نه! کوليءَ ۾ اچي اڪيلي نيرن ڪيم ۽ پوءِ ڪجھه دير ڪتابن جي سنگت ۾ گم ٿي ويس. ڏاهاڻيءَ ٽي وي هلائي ته ڪنن تي نديم سرور جو پيارو آواز پيم:

جانم يا حسين، جانم ياحسين عه،

بادشاهه يا حسين، بادشاهه يا حسين عه.

۽ ايئن مون کي خبر پئي ته اڄ پهرين محرم الحرام آهي، امام حسين ۽ اُن جي ساٿين تي ۽ انهن جي عظيم قربانيءَ تي ڇا لکي ڇا لکان. ان عظيم قربانيءَ تي تمام گھڻو لکجي چڪو آهي ۽ آئون بس انهن شهيدن کي سلام ئي ٿو پيش ڪري سگھان. عملدار ستار سان ملي اُن کي چاچي شفقت جي بند ٿيڻ جي پرچي ڏنم ته عملدار هڪ طنزيه ٽهڪ ڏيندي چيو ته مون ته توکي اڳ ئي چيو هو ته اها ياري گھڻا ڏينهن نه هلي سگھندي. هُن جيل جي ياريءَ تي هڪ ٻيو ڊگھو ليڪچر ڏنو جنهن ۾ رڳو نفرت ئي نفرت پکڙيل هئي پر هُن جا دليل گھڻو مضبوط هئا. عملدار جون ڳالهيون ذهن ۾ اڃا تري رهيون هيون ته رمضان ڏاهاڻي چانهن به تيار ڪري آيو، سنتري زبير کي دلدار ڏي موڪليم ته اچ ته گڏجي چانهه پيئون پر خبر پئي ته سوکڙي ننڍ پيل آهي. مون ڪجھه دير رکي وري سپاهيءَ کي موڪليو پر وري به ساڳئي ورندي آئي. مون سپاهيءَ کي چيو ته دلدار کي ننڍ مان اٿاريو پر ٿوري دير کان پوءِ خبر پئي ته هو گھري ننڍ ۾ آهي. عابد مون کي چيو ته هو نٿو اچي ته ڇڏينس، پاڻ کي گھٽ نه ڪر، مون هڪ خط دلدار جي نالي لکيو ته پنهنجو جيڪو به وقت گڏ گذريو ڏاڍو بهترين گذريو. شايد هاڻ پنهنجو سفر هڪ ٻئي سان گڏ ايئن ئي ختم ٿيو، بس پنهنجو خيال رکجان. خط موڪلڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ کي گھڻو ويران محسوس ڪرڻ لڳس. ڪاش هن سان ڪا ملاقات ئي نه ٿئي ها ته ڪيترو نه بهتر هجي ها، اهڙيون سوچون بار بار ذهن ۾ اچڻ لڳيون، دوستن منجھند جي مانيءَ ۾ برياني ٺاهي پر مون کي بک محسوس نه ٿي ۽ مون انڪار ڪري ڇڏيو.(جاري).

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڪاڇي جو قربدار جوهر جوهردار!

 

(حصو ٽيون ۽ آخري)

مون کي فون تي حڪم ڪيائين ته “اوهان کي دعوت ٿي ڏجي، جو مون سان رهاڻ رچائي پئي وڃي. اوهان منهنجي علم و ادب يا ڪنهن به پهلوءَ تي لکو ۽ اسان جي محفل جو سينگار بڻجو.” مون ته سندس حڪم اکين تي رکيو ۽ ڪجھ گُس گساءُ به ڪيم. ان جو ڪارڻ ڪي مجبوريون هيون، جيڪي هتي ورجائڻ ضروري ناهن پر تنهن هوندي به ابتا سبتا رنڊا روڙيا اٿم. آئون سندس شخصيت سان ايترو نباھ ڪري نه سگهيو آهيان، جيترو ڪرڻ کپندو هو. جيڪين ڪجھ لکيو اٿم سو به غير موثر آهي ڇو ته جوهر صاحب جهڙي اڏول ۽ ارادي جي اٽل شخصيت تي لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي. پاڻ هڪ ئي وقت عالم، اديب، شاعر، عاشق، عامل، ڪامل، صادق، امين، سالڪ، محقق، مورخ ۽ مترجم پڻ آهن. لطيفيات، لسانيات ۽ لغات جو به چڱو ڀلو علم رکي ٿو. اها هڪ وڏي ڳالھ آھي جو کيس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ۽ مانُ ڏنو ٿو وڃي. هو ان جو حقدار به آهي. ڪريم اللغات (قرآن پاڪ جي لغات) به هڪ شاھڪار ۽ شاندار ڪتاب آهي. جنھن تي لکڻ جهڙي تهڙي جي پهچ کان پري آهي. جيڪو لغات جو ماهر ۽ ڄاڻو هوندو سوئي لغات جي کناکيڙ ڪري سگهندو. سو مولانا جوهر بروهيءَ کي به لغات سان پورو پورو نباھ ڪندي ٿو ڏسجي. علامه جوهر بروهيءَ کي ڪريم اللغات تاليف ڪرڻ تي ڀرپور داد ڏجي ٿو. علامه عبدالوهاب چاچڙ ڪريم اللغات ۾ سندس لاءِ هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو: “پنهنجي پياري ۽ فاضل ساٿي “جوهر بروهي” هڪ ضخيم ڪتاب “ڪريم اللغات” جي نالي سان لکڻ فرمايو آهي. جنهن جو اصل ماخذ “الياقوت والمرجان” سمجھ ۾ اچي ٿو پر “علامه جوهر بروهي” جو ڪم حجم ۾ ان کان پنجوڻ تي وڌيڪ آهي. علامه جوهر بروهي اهڙيءَ تاليف جو اهل آهي ۽ سندس ڪم شاندار به آهي، جنهن مان اندازو ٿيو ته هيءُ ڪنهن خاص جوهريءَ جو ڪارنامو آهي، جنهن ڪري پڙهندڙن لاءِ نهايت مفيد ۽ سهل آهي. رب تعاليٰ انهيءَ عاليشان ڪتاب کي مفيد عام ۽ مقبول عام بڻائي ۽ جوهر صاحب جي هن ڪتاب کي پاڻ وٽ شرف قبوليت عطا فرمائي.آمين.” لغات لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي جو جلدي ڪري وٺجي. هيءُ ڪم اٺڪاٺئو ۽ پيچيده آهي. هيءَ لغات به هڪ املھ وٿ آهي، جيڪا پنهنجو مُلھ پاڻ ٺهرائي ٿي. جس آهي مولانا جوهر بروهي صاحب کي جنهن لغات جهڙي ڏکيي موضوع تي پنهنجو نور نچوئي ۽ ننڍون ڦٽائي، اکين کي اوجاڳا ڏئي، قرآن پاڪ کي سمجهڻ جي صلاحيت ڪَتب آندي آهي. اها صلاحيت ۽ ڏات خدا تعاليٰ کيس عطا ڪئي آهي جو جوهر صاحب ڪيتروئي وقت صرف ڪري منجي ٽيڪي قرآن پاڪ جي لغات آڇي آهي. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا ڪري ته جيئن اهڙا شاندار ۽ شاهڪار ڪتاب سنڌي ۽ اسلامي علم و ادب جي جهول ۾ وجهندو رهي. آمين.

 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي/لاڙڪاڻو