ڏوهن کي سرپرستيءَ جي ڇٽي مهيا ڪندڙ پوليس

0
149
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

ڏوهه سرپرستيءَ جي ڇٽيءَ جي هيٺان ئي اسرن ۽ نسرن ٿا. جڏهن اها سرپرستيءَ جي ڇٽي پوليس طرفان مهيا ٿئي ته باقي ڏوهارين کي ڇا کپي! پوليس جو ڪم ڏوهن جو خاتمو ڪرڻ آهي، پر جڏهن پوليس اهلڪار پنهنجي ان منصبي فرض جي ابتڙ ڪم ڪرڻ لڳن، ڏوهن ۽ منشيات جي وڪري جي سرپرستي ڪن ته اهڙي صورتحال ۾ ڏوهن جو گراف گهٽجڻ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي! سنڌ ۾ شايد ئي ڪو ڏوهه هجي، جنهن کي پوليس جي سرپرستيءَ جي ڇٽي ميسر نه هجي. جڏهن عوام طرفان اهڙيون دانهون ٿين ٿيون ته پوليس انتظاميا طرفان ترديدن جا طوفان برپا ڪيا وڃن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن پوليس کاتي جون پنهنجيون رپورٽون عوامي دانهن ڪوڪن جي تصديق ڪري ٿيون وڃن. اهڙي ئي هڪ رپورٽ آءِ جي سنڌ طرفان پڻ جاري ٿي آهي. انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس ضلعي نوشهرو فيروز جي مختلف شهرن جي 1200 منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ 47 پوليس اهلڪارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، پر هي سٽون لکجڻ تائين ضلعي جي ايس ايس پي بهادر، منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي.

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “ڌنار سچو ٿئي ته کڙهه تي کير پياري” ۽ ان چوڻيءَ وانگر پوليس به سچي ٿئي ته ڏوهارين ۽ ڏوهن جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهي ٿي. جڏهن به ڏوهن جي سرپرستيءَ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته اهڙيون ڪاريون رڍون هر کاتي ۾ آهن. اسان ائين ڪونه ٿا چئون ته پوليس جو سڄو کاتو ڪرپٽ آهي. اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اڳ به اهو چوندا رهيا آهيون ته، ان ۾ فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر به آهن، پر اهي ايتري ته قليل تعداد ۽ گهٽ ڳاڻيٽي ۾ آهن، جو اهي چاهڻ جي باوجود به ڪا تبديلي نٿا آڻي سگهن. اهو ڀلا ڪيئن مڃجي ته ضلعي ۾ منشيات فروشن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ پوليس طرفان سرپرستي ٿيندي هجي ۽ ضلعي جي ايس ايس پي بهادر کي ڪا خبر ئي نه هجي ۽ جي واقعي به پوليس ڪماني کي ڪا خبر نه هئي ته اها بيخبري به خود هڪ وڏي خبر آهي. منشيات فروشن جي پوليس طرفان سرپرستيءَ واري اها صورتحال ته صرف هڪ ضلعي جي آهي، ٻين ضلعن جي صورتحال به ٿوري گهڻي فرق سان ان کان ڪا گهڻي مختلف نه هوندي. ٻين ضلعن جي به اهڙي رپورٽ جاري ٿي ته خبر پئجي ويندي ته پوليس اهلڪار ڪنهن جي لاءِ ڪم ڪن ٿا؟ اهي ڪهڙا ڪهڙا نيٽ ورڪ هلائين ٿا؟ اسان سمجهون ٿا ته پوليس کاتي کي صرف سڌارن جي ضرورت نه پر “اوور هالنگ” جي ضرورت آهي. سڌارن کان ڳالهه گهڻو مٿي چڙهي چڪي آهي. جڏهن به اهڙين ڪارين رڍن جي خلاف محڪمي طرفان ڪو قدم کنيو وڃي ٿو ته کاتي ۾ موجود سندس بااثر پٽي ڀائي کين بچائي ٿا وٺن يا وري منشيات فروش سندن واهر لاءِ پهچيو وڃن. ان ڪري ڏوهن جي ٻيڙيءَ کي نه ڪا لهر نه ڪو لوڏو. هتي اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ٻڌائڻ به مهلائتي ٿيندي ته منشيات فروش ايترا ته بااثر آهن، جو اهي ايس ايس پيز جون بدليون به ڪرايو ڇڏين. هتي پڙهندڙن کي سنڌ جي هڪ اڳوڻي گهرو وزير جو اسيمبلي فلور تي ڪيل اعتراف ياد ڏيارجي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته، منشيات فروش ايترا ته بااثر آهن، جو هو پاڻ پوليس کاتي جي هڪ ايماندار آفيسر کي بچائي نه سگهيو. منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪندڙ ان ايس ايس پي جي بدلي ڪرائي وئي.

اسان هتي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته ڏوهن ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس کاتو اهڙين ڪارين رڍن جو بار کڻي نٿو سگهي. آءِ جي سنڌ کي ٻين ضلعن جا به تفصيل پڌرا ڪرڻ گهرجن ۽ ڀرپور ڪارروائيءَ جو آغاز ٿيڻ گهرجي. ڪو پوليس اهلڪار پنهنجي منصبي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪري ته ان کي بهتر ڪارڪردگيءَ جو موقعو ڏيئي سگهجي ٿو، پر جڏهن پوليس پنهنجي فرضن جي ابتڙ ڪم ڪرڻ لڳي ته اهو ڏوهه ئي نه پر ‘ڊوهه’ آهي. ڊوهه جي ڪا معافي نٿي ٿي سگهي.