بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) بلڙي شاھ ڪريم جي شورڪي واھ، کرياڙي شاخ، بلڙي شاخ، ڍٽ شاخ، نصير واھ سميت مختلف واھن ۽ شاخن مان پاڻي چوري خلاف پوڇڙ جي آبادگارن رند قومي اتحاد سنڌ جي نائب صدر زاھد خان رند جاني ٻٻر ملڪ ظفر بشارت جٽ ۽ ٻين ريلي ڪڍي ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. زاھد رند، جاني ٻٻر، ملڪ ظفر ۽ ٻين چيو ته ظلم جي انتھا آهي جو بااثر زميدار ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان ناجائز ڪٽون ڇاٻون پليون ۽ دڪا لڳائي پوڇڙ جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي زوري کڻي رھيا آهن. پوڇڙ جا آبادگار سخت پريشان آهن. فصل پوکڻ لاءِ ته پاڻي نٿو ملي پر پيئڻ جو پاڻي به ناھي. ھنن چيو ته اسان جي ٻچن جي روزي به نٿا ڪرڻ ڏين. ڪافي ڏينھن ٿيا آهن واھن ۾ پاڻي آيو آهي پر پوڇڙ ۾ نٿو پھچي. ناجائز پاڻي کنيو پيو وڃي. بااثر زميدارن ۽ آپاشي عملدارن کي سگھارين ڌرين جي حمايت حاصل آهي. ھنن چتاءُ ڏنو ته سومر تائين پوڇڙي ۾ پاڻي نه پھتو ته ڊي سي آفيس اڳيان تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو.