قطر جي ناڻي واري وزير کي گرفتار ڪيو ويو

0
426

دوها: قطر جي ناڻي واري وزير کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ عوامي فنڊز ۾ گهوٻين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. عرب نيوز ايجنسي مطابق ، قطر جي ناڻي واري وزير علي شريف العمدي خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ عوامي فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ جاري هئي ، جنهن ۾ هن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ويا، جڏهن ته سندس گرفتاري کانپوءِ کيس ذميوارين کان آجو ڪيو ويو آهي. قطري خبر ايجنسي مطابق عوامي فنڊن ۾ گهوٻين ۽ ٻين دستاويزن جي مدد سان ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد اٽارني جنرل سندس گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته ناڻي واري وزير جي خلاف هلندڙ جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير جي گرفتاري کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني، علي شريف کي وزارت خزاني تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. قطر جي امير پاران واپر جي وزير علي بن احمد کي ناڻي وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون آهن.