ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو اوڍ لڳ چوٽياريون ڊيم جي سيلاب جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ چوٽياريون ڊيم جي پاسي مان نڪرندڙ سم نالي کي آر ڊي 65 وٽان 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، سم نالي کي لڳل گهاري جو پاڻي ٽن ڳوٺن جبل انڙ، اسماعيل ابوپوٽو، ٻيڙو بهڻ ۾ ڪاھي پيو، گهاري سبب ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ھمٿ ڪري سم نالي کي لڳل گهارو بند ڪري ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن گلشير، غلام رسول، ڪمال ۽ ٻين چيو ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تازو ئي اھو سم نالو ٺهيو آھي، جنهن تي نالي ماٿر ڪم ڪري رڳو ڪرپشن ڪئي وئي آھي اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي ازالو ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او چوٽياريون ڊيم تيرت داس ٻڌايو ته سم نالي مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ زيرو پوائنٽ تي لڳايل ٽيوب پمپنگ اسٽيشن بجلي نه ھجڻ ڪري اڪثر بند پيل آھي ان ڪري سم نالو پاڻي سان ڀرجي وڃي ٿو جنهن ڪري معمولي گهارو پيو آھي گهاري واري ھنڌ اسانجي ھوي مشينري موجود آھي ويجهو ڪابه آبادي ناھي گهارو اسان بند ڪري ورتو آھي گهاري جو پاڻي آبادي ۾ نه پر ٿورو گهڻو ڍنڍن ۾ ويو آھي.