ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان يونين ڪائونسل سعيد خان لنڊ ڪميونٽي هال ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جي وڏي انگ ۾ پهتيون انتظاميا جي نااهلي سبب ايس او پيز مڪمل نظر انداز ڪيو ويو، عورتون بنا ماسڪ ۽ بنا سماجي وٿي جي پٽ تي ويٺل رهيون. انهي حوالي سان مستحق عورتن سڪينه ، فاطمه ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي دانهيندي ٻڌايو ته سينٽر ته ڪابه سهولت ناهي، پٽ تي ويٺيون آهيون. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته في عورت جي رقم مان 500 کان 1000 رپين جي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ڄاڻايل سينٽر ته سهولتون فراهم ڪري ڪٽوتي ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.