سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس ورتو، وزير اعظم جي ھدايتن تي جوڙيل ٽيم گڊو ۽ سکر بئراج جي آبپاشي عملدارن سان گڏجاڻي ڪري پاڻي فراھمي جو جائزو ورتو. وفاقي وزير آغا محسن بلوچ، خالد خان مگسي، مھر علي شاھ سکر بئراج جو دورو ڪري ڪئنالن ۾ پاڻي فراھمي جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ چيف انجنيئر سکر بئراج، ڪنٽرول روم انچارج سميت آبپاشي عملدارن شرڪت ڪئي. اِن موقعي تي وفاقي وزير آغا محسن بلوچ چيو ته گذريل 25 ڏينھن کان بلوچسان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آھن. اختر مينگل وزير اعظم شهباز شريف آڏو بلوچستان ۾ پاڻي کوٽ متعلق خدشن جو اظھار ڪيو ھو، اسان چاھيون ٿا ته بلوچستان سميت سڀني صوبن کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي. سکر بئراج وٽ سمورن معاملن جو گھرائي سان جائزو ورتو آھي. مڪمل رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪنداسين ۽ کيس ڄاڻ ڏني ويندي ته91 واري معاھدي تحت ڪنھن کي ڪيترو پاڻي ملي رھيو آھي. پاڻي کوٽ سميت ٻيا معاملا گڏ ويھي حل ڪيا ويندا. اميد آهي ته صوبن ۾ پاڻي ورڇ جو معاملو بھتر طريقي سان حل ٿي ويندو.