اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي نان فائلرن لاءِ گاڏين جي رجسٽريشن تي 100 سيڪڙو ٽيڪس وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايف بي آر موجب رٽائرڊ ۽ حاضر سروس  فوجين ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ به پراپرٽي تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي وئي آهي، تفصيل موجب سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيو، ناڻي ڪاميٽي نان فائلرن لاءِ گاڏي جي رجسٽريشن تي ٽيڪس ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي ۽ ايف بي آر کي هدايت ڪئي  آهي ته آرڊيننس ذريعي قانون سازي نه ڪئي وڃي، قانونسازي بل جي صورت ۾ آندي وڃي، ايف بي آر جي عملدارن انڪشاف ڪيو ته پاڪستانين کي دبئي، لنڊن يا نيويارڪ سوڌو ڪنهن به ملڪ ۾ ڊڪليئر ڪيل پراپرٽي تي هڪ سيڪڙو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوج جي ملازمن لاءِ به پراپرٽي تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي ڇوٽ واپس ورتي پئي وڃي، حڪومتي ملازمن لاءِ به پراپرٽي تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي سهولت ختم ڪئي پئي وڃي پر سپريم ڪورٽ جي ڊيم فنڊ جي رقم کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، انڪم ٽيڪس ڇوٽ نجي رفاحي ادارن کي حاصل آهي، جن ۾ ڪجهه ٻاهريان ادارا به شامل آهن،  ن ليگ جي سينيٽر سعديه عباسي اعتراض واريندي چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي اهو سپريم ڪورٽ جو اختيار ناهي جو ان حوالي سان ڪم ڪري، ملڪ رياض کان ملندڙ پيسا به سپريم ڪورٽ وٽ آهن، ڪاميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته بجيٽ عمل مڪمل ٿئي ته ان حوالي سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿيندي،  ڪاميٽي نجي ۽ رفاحي ادارن کي ٽيڪس ڇوٽ واري مامري تي اقتصادي مامرن واري وزارت کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، ايف بي آر اختيارين ڪاميٽي کي ٻڌايو ته امپورٽيڊ ڪوئلي تي بجلي ٺاهيندڙ آءِ پي پيز لاءِ ڊيوٽي 2 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ان قدم جو مقصد بجلي جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ آهي، ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪوئلي جي قيمت وڌي وئي آهي، ٽماٽن، پٽاٽن ۽ بصرن جي امپورٽ تي ڊيوٽي به گهٽ ڪئي وئي آهي.