لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير فياض الحسن چوهان دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان کي قتل  ڪرڻ لاءِ دهشتگرد کي سپاري ڏني وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اطلاع آهي ته ڪجهه ماڻهن افغانستان ۾ موجود ڪوچي نالي دهشتگرد کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سپاري ڏني آهي.