ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري، وڌيڪ 6 جانيون ضايع، فوتين جو انگ 202 ٿي ويو، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران برساتي ٻوڏ ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿيا آهن، رپورٽ موجب صوبي ۾ 22 هزار 692 گهرن کي نقصان پهتو آهي، برساتن سبب 690 ڪلو ميٽر تي ٻڌل مختلف 6 روڊن کي به نقصان پهتو، 18 رابطا پلون ٽٽي چڪيون آهن، رپورٽ موجب برساتي وهڪرن ۾ هڪ لک 7377 ڍور به مري ويا آهن.