ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ برساتن سبب کليل آسمان هيٺ پيل ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو انڪشاف، خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران دادو، ڄامشورو، ڪشمور، نوشهروفيروز ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ رڳو 2913 ٻوريون خراب ٿيڻ جو سرڪاري سطح تي اعتراف، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ تازو پيل برساتن سبب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ هجڻ سبب خراب ٿي آهي، خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي صوبي ۾ ڪڻڪ خراب ٿيڻ واري معاملي جي ڪرايل سروي ۾ رڳو 5 ضلعن ۾ ڪڻڪ جون 2913 ٻوريون خراب ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي جي باقي 25 ضلعن ۾ ذخيرو پيل ڪڻڪ کي “محفوظ” قرار ڏنو ويو آهي، خوراڪ کاتي پاران چيف سيڪريٽري حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دادو ضلعي ۾ 385 ، ڄامشوري ۾ 1100، ڪشمور ۾ 340، نوشهري فيروز ۾ 725 ۽ سانگھڙ ۾ 363 ٻوريون خراب ٿيون آهن، خوراڪ کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته خراب ٿيل ڪڻڪ مان رڳو  30 سيڪڙو يعني 873 ٻوريون استعمال لائق ناهن، باقي متاثر ٿيل 70 سيڪڙو ڪڻڪ صفائي بعد استعمال ڪري سگھجي ٿي! ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هڪ پاسي ڪڻڪ جي خريداري جو حدف پورو نه ٿي سگھيو آهي، جنهن ڪري هلندڙ سال جي آخر ۾ صوبي اندر ڪڻڪ جي کوٽ جو خدشو آهي ته ٻئي پاسي وري خوراڪ کاتي جي اختيارين جي لاپرواهي سبب خريد ڪيل ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ پيل آهي، تازو پيل برساتن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيف سيڪريٽري پاران خوراڪ کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته صوبي ۾ اسٽاڪ پيل ڪڻڪ ۽ خراب ٿيل ڪڻڪ جي سروي ڪري تفصيلي رپوورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن بعد خوراڪ کاتي پاران صوبي جي 25 ضلعن جي ڪڻڪ “محفوظ” ڄاڻائي رڳو 5 ضلعن جون ڪجهه ٻوريون متاثر ڄاڻايون ويون آهن.