ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) برک معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهده وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو متبادل پلان موجود آهي، حڪومت انهي تي عمل ڪري ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ آءَ ايم ايف جي شرطن تي ڪم ڪري ٿي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي پاليسي آھي ته اسرندڙ ملڪن جي پيداوار  کي اسريل ملڪن ۾ سستي وڪرو ڪيو وڃي، جنهن سبب 3 سالن کان ايڪسپورٽ جي اھميت گھٽجي رھي آھي، جڏهن ته اسانکي امپورٽ ٿيل شيون مھانگيون ملن ٿيون، 90 ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جا 5000ڪارخانا بند ٿيا، ھن وقت به وڏي تعداد ۾ صنعتون بند ٿين پيون، اسان وٽ انڊسٽري کي گھربل  خام مال مھانگو ملي ٿو، انهي ڪري ڪارخانا بند پيا ٿين، اهو ئي آءِ ايم ايف جو مقصد آهي، هن چيو ته حڪومت عوام تي ٽيڪس مڙهي پئي، جنهن سان ٽيڪس وصولي ته وڌي ٿي پر ملڪي پيداوار گهٽجي پئي، پاڪستاني ماڻهن جي بهتري وارا انڊيڪٽر بدترين ٿيندا پيا وڃن،  هن چيو ته اسان وٽ ڪتن  ۽ ٻلين جو کاڌو  ۽ ميوات پرڏيهه مان اچن ٿا، اسان رڳو انهن اسمن جي امپورٽ بند ڪري 95.6 ملين ڊالر بچائي سگهون ٿا، هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي وسيلا مفت ۾ ڏنا ويا آهن جيڪي اربين روپيا ڪمائين ٿيون، اسان وسيلن عيوض  ڪمپنين  کان ناڻو ڇو نٿا وٺون؟ هن چيو ته  ڀارت روس مان سستو تيل گهرائي پيو، سرڪار  روس مان تيل گهرائي