بلوچستان جا اهم سياسي اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل

0
271

بلوچستان جا اهم سياسي اڳواڻ آصف زرداريءَ سان ملاقات بعد پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن

اڳوڻي وفاقي وزير سردار فتح محمد حسني، اڳوڻن صوبائي وزيرن نوابزادا گزين مري ۽ طاهر مري سميت مير فريد رئيساڻي، نوابزادا جمال رئيساڻي ۽ ٻين آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت ڪري ورتي

آصف زرداري پ پ ۾ شامل ٿيندڙ بلوچ سياسي اڳواڻن کي واڌايون ڏنيون

 اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته بلوچستان ۽ پيپلز پارٽي جو هڪ تاريخي رشتو آهي، پ پ هميشا بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي

هن چيو ته پ پ عام ماڻهو جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي