ملير: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو جي  ملير پهچڻ تي هزارين ڪارڪنن ملير 15 تي شاندار آجيان ڪئي، ڪارڪنن بلاول ڀٽو تي گلن جي ورکا  ڪري جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا * اولڊ ٿاڻي پهچڻ تي ايم پي اي راجا عبدالرزاق جي قيادت ۾ سوين ڪارڪنن استقبال ڪيو، بلاول ڀٽو گاڏي مان لهي ماڻهن جي نعرن جا جواب ڏنا، ان موقعي تي ڪارڪن پاران بلاول ڀٽو کي سنڌي ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو* ميمڻ ڳوٺ پهچڻ تي ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ جي قيادت ۾ سوين ڪارڪنن بلاول جو شاندار استقبال ڪندي مٿس  گلن جي ورکا ڪئي ،* در محمد ڳوٺ پهچڻ تي ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، بلاول ڀٽو کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو