اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ( پي اي سي ) درآمدي سگريٽن تي ٽيڪس وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني. ايف بي آر چيئرمين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته تماڪ سيڪٽر مان ساليانو 160 ارب رُپيا ٽئڪس حاصل ٿيندو آهي، 157 ارب رُپيا يعني 98 سيڪڙو ٽئڪس ٻه ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته ٻين 20 ڪمپنين وٽان رڳو 3 ارب ٽئڪس حاصل ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته سگريٽ سازي واري صنعت ۾ وڌيڪ 60 ارب رُپين تائين ٽئڪس وصولي جي گنجائش آهي، مقامي ۽ درآمد سگريٽن تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو آهي، ان کانسواءِ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وصولي ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيٽيگري ون سگريٽ تي في هڪ هزار 6500 رُپيا ٽئڪس آهي، ڪيٽيگري ٽو 2 سگريٽ تي في هڪ هزار2050 رُپيا ٽئڪس آهي، درآمدي سگريٽ جي في پيڪٽ تي 65 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي درآمدي سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ جي سفارش ڪندي چيو ته درآمدي سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ سان 300 سئو ارب رپيا واڌو ريونيو جمع ٿي سگهي ٿو، مقامي ۽ درآمدي سگريٽ پيڪٽ تي ٽئڪس 41 رُپيا وصول ڪيو پيو وڃي. ڪاميٽي چيئرمين ٻڌايو ته درآمدي سگريٽ تي ٽئڪس وڌيڪ وڌائڻ سان روينيو وڌندو.