ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار گريڊ 20 جي 9 ڪامورن تي ناراض: 19 ۽ 20هين گريڊ جون ڪيتريون ئي پوسٽون خالي هجڻ باوجود او ايس ڊي بڻايل ڪامورن کي پوسٽنگ نه ملي جون خالي پيل عهدن تي مقرريون ڪرڻ کان انڪار، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت 20هين گريڊ جون ڪيتريون ئي پوسٽون خالي هجڻ باوجود سزا طور او ايس ڊي بڻايل  ڪامورن کان خدمتون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ماضي ۾ سنڌ سرڪار جي “ گڊ بڪ” ۾رهندڙ 20هين گريڊ جي آفيسرن سميع الدين صديقي، عباس ڏيٿو، رفيق ٻرڙو، طحه فاروقي، آصف ميمڻ، رياض سومرو، پرويز سيهڙ، سليم رضا۽  جاويد صبغت الله مهر کي مختلف وقتن تي او ايس ڊي بڻايو ويو هو، جيڪي اڃا تائين او ايس ڊي بڻايل آهن، ذريعن موجب ڄاڻايل ڪامورن کي مختلف کاتن ۾ سيڪريٽري، روينيو ميمبر، ڊي جيز ۽ ٻين اهم عهدن تي  مقررين دوران حڪومتي اختيارين  سان “اڻبڻت” ٿيڻ بعد سائيڊ لائين ڪيو ويو هو. حڪومتي ناراضگي سبب  کين عهدن تي مقرر ئي نه پيو ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڪامورن پاران سنڌ حڪومت خاص طور  تي چيف سيڪريٽري کي پرچائڻ جون ڪوششون به جاري آهن.