حيدرآباد (بيورو رپورٽ) برسات دوران حيدرآباد جي شهري انتظاميا حيسڪو آڏو بيوس بڻيل رهي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي جي ايچ ڊي اي فواد غفار سومرو پاران بجلي نه هجڻ جي ڪري پاڻي جي نيڪال ۾ مشڪلاتن جو اعتراف ڪندي چيو ويو آهي ته 48 ڪلاڪن کان بجلي گهٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب برساتي پاڻي جنريٽرن ذريعي نيڪال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته شهر ۾ 48 ڪلاڪن دوران 100 ملي ميٽر برسات پئجي چڪي هئي ۽ برسات جو سلسلو جاري هو. جنريٽرن تي پاڻي جي نيڪال سبب مشينن جي صلاحيت صرف 25 سيڪڙو رهجي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن حيسڪو پاران بنا خلل جي بجلي فراهم ٿئي ته پاڻي کي فوري طور نيڪال ڪري سگهبو. هن آفيسرن کي فيلڊ ۾ رهي پاڻي جي نيڪال جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته هو پاڻي به ذاتي طور پاڻي جي نيڪال جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي.