تلهار (ن پ ا) تلهار ويجھو ڳوٺ  ڏنو لاشاري ۾ زميني تڪرار تان عورت تي مبينا طور تشدد، وار ڪٽي تذليل، ٿاڻي تي  رپورٽ داخل، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڏنو لاشاري جي رھواسڻ مسمات راستي لاشاري، سندس مڙس گلڻ لاشاري ۽ ننهن شازيا لاشاري صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته تلهار جي ديھه نئون آباد ۾ 9 ايڪڙ 8 گهنٽا منهنجي سروي زمين آھي، جيڪا مون پنهنجي ڀاءُ  کي مقاطعي طور ڏني، جنھن جو مقاطعو ھلندڙ سال ختم ٿي ويو آھي، جنھن بعد ھو زمين ڇڏڻ بدران ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي  زمين ڦٻائڻ چاهي ٿو، هن الزام هنيو ته رات اسان جي گھر تي ڀاءُ، ڀائٽن ۽ ٻين حملو ڪري  مون تي تشدد ڪرڻ بعد منهنجا وار ڪٽي تذليل ڪئي آهي، هن چيو ته اهڙي رپورٽ تلهار ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.