ڪراچي (نمائندن وٽان) برسات متاثر علائقن ۾ ڦهليل بيمارين تي ضابطو نه آيو، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 10 ٻارڙن ۽ 3 عورتن سوڌو وڌيڪ 15 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 745 آهي، جن ۾ 319 ٻار، 290 مرد ۽ 136 عورتون شامل آهن، 3 لک 55 هزار 836 چوپايو مال مري چڪو، 18 لک 15 هزار951 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، 37 لک 73 هزار 707 ايڪڙ ايراضي تي فصل تباهه ٿيو، خبر موجب ٺري ميرواهه ۾  مليريا ۽ گيسٽرو سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڳوٺ ڍيڍاڻو ۾ گيسٽرو وگهي 10 مهينن جو معيز عباس سومرو فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڳوٺ آچر ملاح ۾ 4 سالن جو محمد صالح ملاح مليريا وگهي فوت ٿي ويو، خيرپور لڳ ڳوٺ جان محمد جانوري ۾ 5 سالن جي صديقه جانوري گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ ڪلري ۾ مسمات شانل ملاح مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺي، اڪري چودڳي لڳ ڳوٺ سجاول نوراڻي ۾ 25 سالن جي زاهدان زال رياض نوراڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، پيروسڻ جي ڳوٺ الهوسايو ڏيپر ۾ 6 سالن جي طيبه ڏيپر مليريا وگهي دم ڏنو، صالح پٽ لڳ ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي واسي 6 سالا طفيل کورکاڻي گيسٽرو سبب خيرپور اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پيرڳوٺ ۾ اقبال خاتون ملاح مليريا وگهي فوت ٿي وئي، خير محمد آريجا ڀرسان انڊسٽريل ايريا ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ 6 سالن جو جنيد جوڻيجو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو، قبوسعيد خان جي ڳوٺ بگو دڙو جي رھواسي پيروز چانڊيو جي زال 30 سالن جي عظيمان چانڊيو مليريا سبب فوت ٿي وئي، بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ مولوي دڙو ۾ ٩ سالن جي شھزادي ڇڄڻ فوت ٿي وئي، مانجھند جي شھر کاڻوٺ جي تاريخي مسجد جو پيش امام 70 سالا محمد بخش بروهي مليريا وگھي فوت ٿي ويو، قمبر جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ مير جي واهي ۾ مليريا وگهي ٻئي ڪلاس جو شاگرد 8 سالن جو شاهد چانڊيو فوت ٿي ويو، نواب ولي محمد لڳ ڳوٺ ننگر چانڊيو واسي 3 سالن جي افشان چانڊيو  گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ميھڙ جي ڌامراهه بند تي ويٺل عبدالغفار چانڊيو جي 4 ورھين جي ڌيءُ سهانا چانڊيو گيسٽرو وگهي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جڏھن ته هڪ ڏينهن دوران ممتاز خاتون، تھمينا، عائشا، اقرا، سويرا، سونيا، وسيم، علي گل، لکمير، خالد، ھادي ۽ ٻين کي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو، جوهي جي ڳوٺ ڌڻي بخش لغاري واسڻ ناري منظوران لغاري مليريا سبب بيهوش ٿي وئي، هوڏانهن صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 سيپٽمبر تائين هن وقت تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 745 آهي، جن ۾ 319 ٻار، 290 مرد ۽ 136 عورتون شامل آهن، 3 لک 55 هزار 836 چوپايو مال مري چڪو آهي، سنڌ ۾ ڪل 18 لک 15 هزار 951 گهر مڪمل توڙي جزوي طور تباهه ٿي ويا، جن ۾ مڪمل طور تباهه ٿيل 7 لک 39 هزار 897، جزوي طور تباهه ٿيل 10 لک 76 هزار 54 گهر شامل آهن، ڪل 37 لک 73 هزار 707 ايڪڙ ايراضي تي فصل تباهه ٿيو، 24 سيپٽمبر تائين بي گهر ٿيندڙن جو تعداد وڌي 72 لک 52 هزار 290 تي پهچي ويو آهي،