ملير: شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءَ افضل جوکيو جو چوڻ هو ته ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي بعد صوبائي وزير ساجد جوکيو مسلسل رابطي ۾ هو،  برادري سان تعلق رکندڙ مختلف چڱن مڙسن ڌرين ۾ ٺاهه لاءِ ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي اسين سندن شڪر گذار آهيون، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان معززين آڏو اها ڳالهه رکي آهي ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جو ڪو ٻيو مسئلو نه ٿئي، هن چيو ته اسان پاران عدالت ۾ اڳ ۾ جمع ڪرايل صلح نامي وقت  منهنجي ماءَ پاران ٻڌايو ويو هو ته منهنجو وڪيل مظهر جوڻيجو آهي، جڏهن ته هاڻي ٻيهر داخل ڪرايل صلح نامي وقت اسان پنهنجو وڪيل تبديل ڪيو آهي، جيڪو اسان کي ڄام عبدالڪريم جي ڌر پاران ڏنو ويو آهي، هن ٻڌايو ته منهنجي ڀاءَ ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي بعد منهنجي ماءُ صدمي ۾ آهي، هن پنهنجو فيصلو الله تعاليٰ جي عدالت ۾ ڇڏيندي صلح ڪيو آهي.