ڀان سيدآباد (رپورٽ: آصف علي ميمڻ) منڇر کي ڪٽ هڻڻ بعد متاثرن لاءِ ٻيڙيون ته نه مليون پر انتظاميا پاران ڪاغذن ۾ 150 ٻيڙيون ڏيکاري روزانو 37 لک رپيا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾  هٿ ڪيل ڄاڻ مطابق منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏيڻ بعد مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ مقامي ڳوٺاڻن کي ٻيڙيون فراهم ڪرڻ بجاءِ صرف ڪاغذن ۾ ٻيڙيون ظاهر ڪيون ويون آهن،ضلعي انتظاميا ڪنهن به ڳوٺ توڙي يوسي ۾ سرڪاري ٻيڙي فراهم نه ڪئي آهي، ڊي سي ڄامشورو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ جي ملي ڀڳت ظاهر ٿي آهي، سرڪاري ڪاغذي ڪارروائي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 150 ٻيڙيون هلندڙ ڏيکاري ڇڏيون آهن،روزانو في ٻيڙي کي 5 هزار رپيا ڪرايو ۽ 10 ليٽر پيٽرول جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،ذريعن موجب روزانو ٻيڙين جي ڪرائي جي مد ۾ 7 لک 35 هزار رپيا سرڪاري خزاني مان جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، في ٻيڙي کي ملندڙ 10 ليٽر تيل جي رقم 2380 رپيا، 150 ٻيڙين جي لاءِ تيل تي روزانو 3 لک 57 هزار رپيا سرڪاري خزاني مان خرچ ٿيڻ لڳا آهن، سڀ کان وڌيڪ ٻيڙيون وڏي وزير جي اباڻي يوسي واهڙ ۾ ظاهر ڪري 63 ٻيڙيون سرڪاري رڪارڊ ۾ ظاهر ڪيون ويون آهن،جڏهن ته يوسي بوبڪ لاءِ 20 ۽ يوسي جعفرآباد لاءِ 21 ٻيڙيون ڪاغذن ۾ موجود آهن، يوسي ٽلٽي ۽ ٻنڀا لاءِ 19، باجارا لاءِ 14 ۽ جهانگارا لاءِ 7 ٻيڙيون ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيون ويون آهن، يونين ڪائونسل چنا ۽ آراضي لاءِ 6 ٻيڙيون ڪاغذي ڪارروائي ۾ موجود آهن.